|
لڪي مروت ۾ دستي بم جي حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا |
 |
|
پشاور (اي پي پي) لڪي مروت جي علائقي ۾ ساري نارنگ ۾ ٻن
ڌرين ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ هڪ ڌر طرفان دستي بم هڻڻ سبب 3
ڄڻا مارجي ويا. پوليس مطابق اهو واقعو خميس ڏينهن پيش آيو.
هڪ شخص ايوب خان ۽ سندس ڀاءُ لطيف خان ملڪيت جي تڪرار تان
هڪٻئي سان سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن بعد هڪ ٻئي مٿان
دستي بم جو حملو ڪيو جنهن ۾ ايوب خان، لطيف خان ۽ مهراڻ
خان موقعي تي مارجي ويا، پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري رهي
آهي. |
|
|
|
|
|
|