پير ڳوٺ لڳ خوفناڪ باهه، 2 معصوم ٻارڙيون سڙي فوت،  15 ڄڻا زخمي

پير جو ڳوٺ/خيرپور (رپورٽ: نوبت جاگيراڻي+مختيار ڦلپوٽو): پير جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ کنڀڙا وٽ ماڙيچا برادريءَ جي ماڻهن پاران گهرن وٽ مڇرن کان بچاءَ لاءِ دکايل دونهينءَ مان اسر ويل لڳل باهه جي ڀڙڪڻ ڪري 2 معصوم نينگريون 10 مهينن جي پوجا ڌيءَ پڃل ماڙيچو ۽ 13 سالن جي راڌا ڌيءَ شيرل ماڙيچو باهه ۾ سڙي فوت ٿي ويون آهن ۽ گهرن اندر بيٺل چار مينهون، 3 ڳئون، 2 ٻڪريون ۽ 3 موٽر سائيڪلون ۽ 20 جهڳا الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته واقعي وقت ماڙيچا برادري جي گهرن اندر عورتن ۽ ٻارن جا ڪيهاٽ ۽ اڀ ڏاريندڙ رڙيون هيون، جنهن کي ٻڌڻ بعد ۽ باهه جا شعلا پري پري کان ڏسي علائقي جي مختلف ڳوٺن جا سوين رهواسي واهر لاءِ واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن وڌيڪ گهر سڙڻ کان بچائي ورتا. باهه وسائڻ لاءِ آيل 15 کان وڌيڪ ماڻهو پڻ سڙي زخمي ٿي پيا. ان وقت ڪنگري فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو ويو پر جيستائين فائر برگيڊ جون گاڏيون پهتيون ته هر شيءِ باهه جي نظر ٿي چڪي هئي. هن لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي جو اطلاع ٻڌڻ بعد وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه نوٽيس وٺندي باهه ۾ سڙي فوت ٿي ويل نينگرين جي وارثن لاءِ هڪ هڪ لک رپيا امداد ۽ سڙيل جهڳن جي مالڪن کي 10-10 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ متاثر ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائي آهي ته کين 20 نوان گهر ٺهرائي ڏنا ويندا. هوڏانهن ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ ڊي پي او پير محمد شاهه کي حڪم ڏنو ويو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ جلد پيش ڪئي وڃي. اهڙي حڪم بعد ڊي سي او خيرپور، ڊي پي او، ٽي ايم او ڪنگري قاضي خالد، مختيارڪار ڪنگري سميت سموري ضلعي جي انتظاميا واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ۽ انگ اکر گڏ ڪري ورتا هئا. ٻئي طرف واقعي جا متاثر ڳوٺاڻا ماڙيچا برادريءَ جا ماڻهو بي يارومددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

ڊي سي او ڪنگريءَ جي فائربرگيڊ عملي کي معطل ڪري ڇڏيو

پير جو ڳوٺ: ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ڪنگريءَ جي فائربرگيڊ عملي جي لاپرواهي ۽ واقعي واري هنڌ دير سان پهچڻ ڪري عملي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ 24 ڪلاڪن اندر ٻيو عملو مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

احمدپور ۽ کنڀڙا ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران رليف ڪئمپون قائم

پير جو ڳوٺ: ماڙيچا برادري جي گهرن سڙڻ، معصوم نينگرين ۽ 9 کان وڌيڪ ڍور ڍڳا سڙي وڃڻ واري  واقعي بعد علائقي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن متاثرن جي سهائتا ۽ مالي امداد لاءِ احمدپور ۽ ڳوٺ کنڀڙ اوٽ رليف ڪئمپون قائم ڪري ورتيون آهن، جنهن ۾ ڪنگري جي مختلف علائقن کان آيل سرنديءَ وارن پنهنجي وس آهر چندو پڻ ڏنو آهي ۽ رليف ڪئمپون ڪيترن ئي ڏينهن تائين قائم رهنديون. سماجي اڳواڻن وزيراعليٰ سنڌ جي ڏنل امداد کي اڻپورو ۽ مذاق قرار ڏنو آهي.