بنگلاديشي عدالت پاران پوليس کي برقعو نه پائيندڙ عورتن کي تنگ ۽ خوفزده نه ڪرڻ جو حڪم

ڍاڪا (اي پي پي) بنگلاديش جي عدالت پوليس کي برقعو نه پائيندڙ عورتن کي تنگ ۽ خوفزاده نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. گذريل ڏينهن بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ پوليس کي چيو ته ملڪ ۾ اهڙيون عورتون جيڪي حجاب يا برقعو نٿيون پائن انهن کي خوفزده نه ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته بنگلاديش  ۾ برقعو يا حجاب پائڻ ضروري نه آهي. عدالت چيو ته ڪنهن کي به عورتن کي ڊيڄارڻ يا تنگ ڪرڻ جو اختيار حاصل نه آهي. عدالت چيو ته ڪنهن به عورت کي صرف ان وقت گرفتار ڪري سگهجي ٿو جڏهن ان جي خلاف ڪو ڏوهه ثابت ٿئي. بنگلاديش هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو رنگ پور جي چڙيا گهر ۾ جوان جوڙن جي گرفتاري کان پوءِ سامهون آيو آهي. پوليس موجب جوڙا مشڪوڪ حالت ۾ چڙيا گهر ۾ ويٺا هئا جڏهن ته جوڙن جي دعويٰ آهي ته پوليس انهن کي بنا ڪنهن سبب جي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ انهن کي برقعو ۽ حجاب پائڻ لاءِ چيو.