|
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس 19 کاتا صوبن حوالي ڪرڻ واري
درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو |
 |
|
ڪراچي (م ڊ): سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سرمد جلال
عثماني وفاقي سرڪار جي انتظام هيٺ 19 کاتن کي صوبن حوالي
ڪرڻ بابت آئيني درخواست جي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرمد جلال عثماني ڪيس کي آئنده
ٻي بينچ آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته کيس ان بينچ
۾ شامل نه ڪيو وڃي. ٻي طرف ڪيبينيٽ ڊويزن پاران داخل ڪيل
ڪمينٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 19 کاتا ۽ ادارا آئين تحت
صوبائي آهن پر اهڙي درخواست داخل ڪرڻ جو اختيار فقط صوبائي
حڪومت يا اسيمبلي کي آهي. |
|
|
|
|
|
|