|
صدر زرداري سنڌ ۾ ايم ڪيوايم، فنڪشنل، اي اين پي ۽ پارٽين
ٻين سان مڪاني چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ پير مظهر ۽
قادر پٽيل تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي |
|
مڪاني نظام متحده جي صلاح سان تيار ٿيڻ کپي، اتحادين کي
ناراض نه ڪيو وڃي:
زرداري |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) : صدر آصف علي زرداري پاڪستان
پيپلزپارٽي جي صوبائي قيادت کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾
مڪاني نظام متحده جي صلاح سان تيار ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم
کي ناراض ڪرڻ بدران گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جڏهن ته
صدر سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ، اي اين پي ۽ ٻين اتحادين سان سيٽ
ايڊجسٽمينٽ لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. صدر آصف
علي زرداري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه بلاول
هائوس ۾ ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،
وقتي گورنر نثار احمد کهڙي، سينيئر وزير پير مظهر الحق،
سنڌ ۽ وفاقي ڪابينا جي ڪيترن ئي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾
پيپلزپارٽي صدر کي مڪاني ادارن جي نئين نظام، ايم ڪيو ايم
سان ان سلسلي ۾ ٿيل گڏجاڻين ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن جي سلسلي
۾ بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي وزيرن ۽
اڳواڻن صدر آڏو شڪايت ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ مرضي
جو نظام لاڳو ڪرائڻ چاهي ٿي. جنهن سان ڪراچي مڪمل طور تي ۽
سنڌ جا ٻيا شهر حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ نوابشاهه به
گهڻي حد تائين ايم ڪيو ايم حوالي ٿي ويندا. ان سان پ پ کي
سنڌ ۾ وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. ذريعن مطابق صدر پ پ جي
وزيرن ۽ اڳواڻن جي شڪايت کي رد ڪندي چيو ته پ پ ايم ڪيو
ايم کي ڇڏڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهي. تنهن ڪري سنڌ ۾
مڪاني نظام اهڙو ٺاهيو وڃي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين
اتحادين جي مرضي به شامل هجي. صدر ان موقعي تي پير مظهر
الحق ۽ قادرپٽيل تي مشتمل ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪئي. جيڪا
ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ فنڪشنل، اي اين پي ۽ ٻين ڌرين سان
سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪندي. |
|
|
|
|
|
|