|
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پاڻي ۽ بجلي بحران کي منهن ڏيڻ
لاءِ سياسي پارٽين کان تجويزون طلب ڪري ورتيون |
|
آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪنداسين، تنقيد ڪندڙ
حدن ۾ رهن:
وزيراعظم |
 |
|
اسلام آباد (اي پي پي/مانيٽرنگ ڊيسڪ): وزيراعظم سيد يوسف
رضا گيلاني چيو آهي ته اسان سياسي ڇڪتاڻ کي مفاهمت جي جذبي
۽ فلسفي سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي، رياستي ادارا پنهنجي
پنهنجي حدن ۾ رهندي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، آئين ۽
پارليامينٽ جي بالادستي جو پڪو پهه ڪيو آهي، آئيني مدو
پورو ڪرڻ کان پوءِ عوام آڏو وينداسين، حتمي فيصلو ڪرڻ جو
اختيار عوام کي آهي، ان جو هر فيصلو قبول هوندو، آمر طرفان
1973ع جي آئين جي بگاڙيل چهري کي ٺيڪ ڪريون پيا، عوام جلد
خوشخبري ٻڌندو، نيت ۽ دامن صاف آهي، ضمير مطمئن آهي، سڄي
دنيا ڏٺو ته اسان ججن کي بحال ڪيو، تازو ئي ججن جي مقرري ۽
ترقين جي باري ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيو، آئون
کليل دل سان تسليم ڪريان ٿو ته اسان قوم کي درپيش مسئلن کي
حل ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه سخت فيصلا به ڪيا پر وقت ثابت ڪري
ڇڏيو ته اهي فيصلا ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ اڻٽر هئا،
ميڊيا ۽ مخالف ڌر جي تنقيد کي خراب نٿا سمجهون، ان مان
اصلاح وٺون پيا پر تنقيد ڪندڙ اخلاقيات ۽ حقيقتن جو پاند
هٿ مان نه وڃائين، آئيني ۽ جمهوري گهرجن موجب انشاءَ الله
اسان عوام طرفان ڏنل مينڊيٽ موجب آئيني مدت پوري ڪرڻ کان
پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام آڏو پيش ٿينداسين، جيڪو اسان جو
احتساب ڪرڻ جو حق رکي ٿو، عوام جو فيصلو ئي معتبر ۽ آخري
فيصلو آهي، عوام جي فيصلي کي سچي دل سان قبول ڪنداسين.
ڪالهه جمعي ڏينهن قوم کي ريڊيو پاڪستان تي ڪيل خطاب ۾
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان حڪومت جون
ذميداريون سنڀالڻ کان پوءِ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ
جيڪي ترجيحون مقرر ڪيون، انهن ۾ دهشتگردي جو خاتمو، امن
امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ، بيروزگاري ۽ غربت ۾ گهٽتائي،
عالمي برادري ۾ ملڪ جي وقار جي بحالي، سياسي ڇڪتاڻ جو
خاتمو ۽ قومي معيشت جو استحڪام شامل هو ۽ اڄ جڏهن آئون
مخاطب آهيان ته آئون الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان جو
اسان پنهنجي ڪوششن ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهيون،
اسان دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فوج ۽ قانون
لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي انهن
عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو آهي، جيڪي پاڪستان ۽
اسلام جي لاءِ سڄي دنيا ۾ رسوائي جو سبب بڻجي رهيا هئا،
آئون پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهڙن سمورن جوانن
۽ آفيسرن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مالاڪنڊ، سوات ۽
وزيرستان مان لڏپلاڻ ڪندڙن جي سارسنڀال ڪندڙن جي جذبي کي
ساراهيان ٿو. هن چيو ته مايوس ۽ نامراد ٿي دهشتگردن، شهرن
جو رخ ڪيو پر باشعور ۽ چوڪس عوام انهن جا حقيقي چهرا سڃاڻي
ويو آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن اسان پنهنجي سرزمين کي
دهشتگردن کان پاڪ ڪري ڇڏينداسين، دهشتگردي جي واقعن سان
ملڪي معيشت کي سخت نقصان پهتو، امن امان جي خراب صورتحال
سيڙپڪاري جي امڪانن جي لاءِ حوصلا شڪني جو سبب بڻجي ٿي ۽
خاص طور تي غير ملڪي سيڙپڪار پاسو ڪن ٿا. هن چيو ته
دهشتگردي کان نجات حاصل ڪري معيشت کي بهتر ڪيو پيو وڃي، هن
چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته قوم جي اتحاد ۽ تعاون سان
اسان ان آزمائش مان سرخرو ٿي نڪرنداسين. وزيراعظم چيو ته
بيروزگاري جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت برطرف ملازمن
کي بحال ڪيو ۽ عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته حڪومت سڀني کي
سرڪاري ملازمتون فراهم نٿي ڪري سگهي پر نوجوانن کي معاشي
اعتبار سان پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جا موقعا فراهم ڪيا
ويندا. پرائيم منسٽر انٽرنشپ پروگرام ان سلسلي جي هڪ ڪڙي
آهي. هن وقت 43 هزار تعليم يافته نوجوان ان مان فائدو حاصل
ڪري رهيا آهن. الله جي فضل سان ۽ حڪومت جي حقيقت پسنداڻي
جي نتيجي ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ چڱو اضافو ٿيو آهي ۽
اسان وٽ ڪڻڪ جو وڏو مقدار موجود آهي. کنڊ جي هٿرادو کوٽ
ختم ڪرڻ جي لاءِ تسلي بخش انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته
زرعي بينڪ آبادگارن کي بينظير ٽريڪٽر اسڪيم کان سواءِ
اربين رپين جي ماليت جي زرعي قرضن جي فراهمي کي يقيني
بڻايو آهي. ادارا پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اسان آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جو پڪو پهه
ڪيو آهي، ان لاءِ سڄي دنيا ڏٺو ته اسان هٽايل ججن کي بحال
ڪيو ۽ تازو ئي ججن جي ترقي ۽ مقرري جي باري ۾ سپريم ڪورٽ
جي فيصلي جو احترام ڪيو، قومي ٻڌي جي گهرجن تحت گلگت
بلتستان جي عوام کي داخلي خودمختياري ڏني، بلوچستان جي
عوام جي لاءِ آغاز حقوق بلوچستان متعارف ڪرايو. سرحد صوبي
کي بجلي جي نج منافعي جي رهتن جي پهرين قسط ڏئي ڇڏي آهي ۽
دهشتگردي کان متاثرين جي امداد جي لاءِ جدا فنڊ فراهم ڪيا،
مفاهمت جي پاليسي جو هڪ شاندار نتيجو اين ايف سي ايوارڊ جي
صورت ۾ ڏٺو ويو، آمرن 1973ع جي آئين جو چهرو بگاڙي ڇڏيو،
اسان ان کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، قوم تمام جلد اها خوشخبري
ٻڌندي. هن چيو ته آئيني ۽ جمهوري گهرجن موجب انشاءَ الله
اسان عوام طرفان ڏنل پنهنجي مينڊينٽ موجب پنهنجو آئيني مدو
پورو ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر عوام آڏو وينداسين ۽ حتمي فيصلي جو
مجاز آهي. اسان عوام جي فيصلي کي دل سان قبول ڪنداسين پر
اهو مرحلو ۽ وقت اچڻ تائين پنهنجي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽
وقار جي لاءِ متحد ۽ منظم ٿي پنهنجا فرض ادا ڪيون. هن چيو
ته مفاهمت جي مشعل کي روشن رکون، گڏيل اعتماد ۽ احترام جي
جمهوري روايت کي مستحڪم بڻايون ۽ دنيا تي ثابت ڪيون ته
پاڪستان جو عوام پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ درپيش مشڪلاتن
تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سيهي جي ديوار بڻجي چڪو آهي.
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاڻي ۽ بجلي جي معاملي تي
سياسي پارٽين ۽ ماهرن کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن،
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان تنقيد کي
برو نٿا سمجهون پر تنقيد ڪندڙ اخلاقيات ۽ حقيقتن جو پاند
هٿن مان نه ڇڏين. ڪالهه جمعي ريڊيو پاڪستان تان قوم کي ڪيل
خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته تنقيد مان رهنمائي حاصل ڪريون ٿا،
ميڊيا ۽ مخالف ڌر جي تنقيد کي ڪڏهن به برو ناهي سمجهيو، پر
تنقيد ڪندڙن جو اهو فرض آهي ته اهي اخلاقيات ۽ حقيقتن جو
دامن هٿن مان نه ڇڏين. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو
آهي ته حڪومت غريبن جي مالي امداد جي لاءِ بينظير انڪم
سپورٽ پروگرام ۽ وسيلا حق پروگرام جاري ڪيو آهي، جنهن تحت
70 ارب رپيا انتهائي شفاف ۽ اعتماد جوڳي نظام تحت لکين
غريبن ۾ ورهايا پيا وڃن، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ
رمضان المبارڪ ۽ عيدن جي موقعي تي يوٽيلٽي اسٽورز وسيلي 3
ارب رپين کان وڌيڪ جي سبسڊي فراهم ڪئي وئي. سيد يوسف رضا
گيلاني چيو ته اسان شهيد راڻي جي مفاهمت واري فلسفي تحت
وفاق ۾ اتحادي حڪومت قائم ڪئي. هن چيو ته ٻن سالن جي عرصي
دوران اسان نه رڳو پنهنجي منشور تي عمل ڪيو آهي پر انهن
سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي اسان کي ورثي
۾ مليا هئا. هن چيو ته انهن ۾ دهشتگردي، مهانگائي،
بيروزگاري، سياسي ڇڪتاڻ، رياستي ادارن جي وچ ۾ اعتماد جي
کوٽ، توانائي جو بحران، خوراڪ جي کوٽ، پاڙيسري ملڪن ۾
ٿيندڙ غير متوقع واقعن جا پريشان ڪندڙ اثر، معاشي عدم
استحڪام، صنعتي پيداوار ۾ کوٽ، امن امان جي غير تسلي بخش
صورتحال ۽ عوام ۾ عدم اطمينان ذڪر جوڳا آهن. هن چيو ته
اسان حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ اهو غرور نه ڪيو ته
اسان ايوان اقتدار ۾ حڪمران بڻجي ويٺا آهيون، پر اسان جي
سوچ اها هئي ته الله تعاليٰ اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جي
خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، هن چيو ته پ پ کي سدائين ڏکين
وقتن ۾ حڪومت ملندي آهي ان جي لاءِ اسان جي لاءِ حڪومت
اقتدار کان وڌيڪ آزمائش ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ۽
وسيلو آهي،جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا، عوام
اسان مان وڏيون اميدون لڳائي ويٺل آهي. هن چيو ته اسان
سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنن ۾ اضافو ڪيو آهي ۽
مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرئت 4600 مان وڌائي 6000 رپيا ڪئي
آهي، بينظير ايمپلائيز اسٽاڪ آپشن اسڪيم تحت 80 سرڪاري
ادارن جي 5 لک کان وڌيڪ ملازمن ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ
ماليت جا حڪومتي شيئر مفت ورهايا آهن. هن چيو ته حڪومت
سڀني کي سرڪاري نوڪري نٿي ڏئي سگهي پر نوجوانن کي پيرن تي
بيهارڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. |
|
|
|
|
|
|