|
ڀارت پاران ڳالهين کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ درست ناهي:
وزيراعظم |
 |
|
اسلام آباد (م ڊ/ايجنسيون): وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان
ڪالهه وزيراعظم هائوس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي،
جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل طارق مجيد ۽
ايئرچيف مارشل رائو قمر سليمان ڌار ڌار ملاقات ڪئي آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريسي وزيراعظم کي پاڪ-ڀارت پرڏيهي
سيڪريٽرين ۾ ڳالهين بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم
چيو ته ڀارت پاران ڳالهين کي دهشتگرديءَ سان ڳنڍڻ درست
ناهي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان چيئرمين جوائنٽ
چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل طارق مجيد ڪالهه جمعي ڏينهن
وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي سلامتي جي
معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم
چيو ته ملڪي سلامتي ۽ دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو
ٻئي پاسي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪ فضائيه جي
سربراهه ايئر چيف مارشل رائو قمر سليمان ڪالهه جمعي ڏينهن
هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم کي پاڪ
فضائيه بابت پيشوراڻن معاملن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. |
|
|
|
|
|
|