|
رپورٽ بابت حڪومتي ڊيڊ لائن قبولڻ کان انڪار، ڪنهن جي
ماتحت ناهيون: آئيني ڪميٽي |
 |
|
اسلام آباد (آن لائن): آئيني سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي
پنهنجي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به
قسم جي حڪومتي ڊيڊ لائين تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي واضح
ڪيو آهي ته جڏهن ڪميٽي پنهنجو ڪم مڪمل ڪندي ته رپورٽ
پارليامينت کي ڏني ويندي. ڊيڊ لائين جي حوالي سان 13 مارچ
، 18 مارچ جون ڊيڊ لائنون ڏيڻ وارا ڪميٽي جو حصو ئي ناهن.
جڏهن ته صوبائي خودمختياري واري معاملي تي ڪميٽي ۾ اختلاف
بدستور برقرار آهن. رضا رباني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته
ڪميٽي حڪومت يا ڪنهن وزير جي ماتحت ناهي پر هي پارليامينٽ
جي منظوري سان ٺهيل آزاد ۽ خودمختيار آهي، ڪنهن به قسم جو
ڪو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. هوڏانهن اجلاس ۾ آئيني سڌارن
جي جائزي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اين ايف سي ۽ فيڊرل
ليجسٽو لسٽ ۾ شامل مالي معاملن تي ناڻي واري وزارت کان به
ڪميٽيءَ راءِ گهري ورتي آهي. |
|
|
|
|
|
|