|
ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، انصاف نالي ڪاشيءِ ناهي: چيف
جسٽس |
 |
|
پشاور (آن لائن): چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چنيوٽ ۾
پوليس تشدد جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب
کي 11 مارچ تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس رمارڪس
ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي. لڳي ٿو
ته انصاف نالي ڪاشيءِ ناهي. پنجاب حڪومت طرفان جيڪا رپورٽ
پيش ڪئي وئي آهي اها سمورن پهلوئن کي نظر ۾ رکندي ملوث
ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ملوث اهلڪارن کي معطلي واري
سزا گهٽ آهي. |
|
|
|
|
|
|