پ پ ۽ ن ليگ ۾ احتساب بل 12 مارچ تي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (آن لائن): قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس 12 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ احتساب لاءِ نئين اداري جوڙڻ وارو بل منظور ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ ۾ بل 12 مارچ واري اجلاس ۾ منظور ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.