|
پنجاب حڪومت جو پ پ کي حصو ڏيڻ کان انڪار، الڳ ٿيڻ جو شوق
پورو ڪيو وڃي: نواز ليگ |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ): پنجاب حڪومت پيپلز پارٽي جو چاليهه
سيڪڙو حصي وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعليٰ پنجاب
جي صدارت ۾ ٿيندڙ هڪ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيپلز
پارٽي سان پنجاب ۾ اتحاد ڪرڻ وقت اهو معاهدو ڪيو ويو هيو
ته مرڪز ۾ پيپلز پارٽي نواز ليگ کي نوڪرين ۽ فنڊن ۾ 40
سيڪڙو حصو ڏيندي ته پنجاب حڪومت به پنجاب ۾ پيپلز پارٽي کي
ان فارمولي تحت حصو ڏيندي پر پيپلز پارٽي مرڪز ۾ نوڪرين ۽
فنڊن ۾ نواز ليگ کي نظرانداز ڪيو آهي. ان ڪري پنجاب ۾
پيپلز پارٽي کي 40 سيڪڙو حصو ڏيڻ جو ڪو به جواز نٿو بڻجي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ نواز ليگ جي وزيرن، وزيراعليٰ کي واضح
موقف رکڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته هو پيپلز پارٽي جي مرڪزي
قيادت کي آگاهه ڪري ڇڏي ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي مطالبا ڪرڻ
بند ڪري ۽ پهريون معاهدي تي پاڻ عمل ڪري پوءِ پنجاب حڪومت
کي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀري. ذريعن موجب وزيراعليٰ هائوس ۾
امن امان جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو
ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنجاب حڪومت کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿي ته
ان تي نواز ليگ کي ڪو به اعتراض ناهي. |
|
|
|
|
|
|