چوهڙ جمالي ويجهو لالچي پيءُ معصوم نياڻي 20 هزارن ۾ وڪرو ڪري ڇڏي

چوهڙ جمالي (رپورٽ: محمد اسماعيل ميمڻ): چوهڙ جمالي کان 25 ڪلوميٽر پري لاڏيون پوليس جي حد ڳوٺ ناٿو خان جتوئي ۾ پيءُ غلام رسول جتوئي پنهنجي 8 سالن جي معصوم نياڻي نصيبان کي 20 هزار رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو. وڪرو ڪيل نينگري جو گذريل خميس ۽ جمعي واري رات 25 سالن جي نوجوان غلام قادر جتوئي سان نڪاح به ڪرايو ويو. معصوم نينگري جي چاچن.