ٽنڊي آدم لڳ پاڏيون چورائڻ جي چٽيءَ ۾ 4 سالن جي نينگريءَ جو نڪاح: وارثن تي رخصتي لاءِ دٻاءُ

ٽنڊو آدم (رپورٽ: آچر خاصخيلي): ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي ۾ 8 ۽ 12 سالن جي نينگرين نڪاحن بعد پاڏين جي چوريءَ جي چٽيءَ ۾ 4 سالن جي نينگري جي نڪاح جو انڪشاف ٿيو آهي. ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي ۾ مينهن جي پاڏين جي چوريءَ ۾ چئن سالن جي نينگري بختاور ڌيءُ محمد شريف ماڪوڙاڻي جو سال اڳ شاهو ماڪوڙاڻي سان نڪاح ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جي رخصتي لاءِ ساهرن دٻاءُ وڌو آهي. ان ڏس ۾ معصوم نينگري بختاور جي پيءُ محمد شريف ۽ ماءُ شبانه ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڏيڍ سال اڳ اسان وٽ اڌ تي پاڏيون ڏنل هيون، جيڪي ڳوٺ جي بااثر ماڻهن مٺو ماڪوڙاڻي ۽ آچر ماڪوڙاڻي چوري ڪرائي زوري فيصلو ڪري اسان جي 4 سالن جي نياڻي بختاور جو سڱ چٽي شاهو پٽ رسول بخش ماڪوڙاڻي کي ڏيئي زوري نڪاح ڪرائي ڇڏيو ۽ هاڻي رخصتي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مهينو اڳ اسان جي 8 سالن جي ڌي زينب کي پڻ ساڳين ماڻهن 50 سالن جي شخص انور ماڪوڙاڻي سان پرڻائي ڇڏيو ۽ رخصتي نه ڏيڻ تي بااثر ماڻهن سان گڏجي انور ماڪوڙاڻي جي گهر واري صاحبزادي زينب ۽ بختاور جي چاچن شفيع محمد، خان محمد سميت 4 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ پوليس شفيع محمد ۽ خان محمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هنن ٻڌايو ته بااثر ماڻهن انور ماڪوڙاڻي جي 12 سالن جي ڌيءُ مارفت جو نڪاح شفيع محمد سان ڪرايو ۽ اسان کي چيو ته توهان 8 سالن جي ڌيءَ جو نڪاح انور ماڪوڙاڻي جي پٽ سان ڪرايو ويندو پر هنن ايئن نه ڪيو ۽ 8 سالن جي ڌي زينب جو نڪاح پٽ بجاءِ 50 سالا پيءُ انور ماڪوڙاڻي سان ڪرائي ڇڏيو آهي. هنن حڪومت کي تحفظ ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آهي.