پاڪستان جو ممبئي حملن جي جاچ مڪمل ٿيڻ بابت ٽائيم فريم ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد (آن لائن): پاڪستان ممبئي حملن جي جاچ مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان ڪو به ٽائيم فريم ڏيڻ کان انڪار ڪندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي عدالتي عمل جي ذريعي جاچ عمل جاري آهي ۽ عدليه پنهنجي انداز سان ان ڪيس جي جاچ کي اڳتي وڌائي رهي آهي. ڀارت طرفان جامع ڳالهين کان انڪار سمجهه کان ٻاهر آهي. پرڏيهي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته بامقصد تعميري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ ڀارت روڊ ميمپ تجويز ڪري ڇڏيو آهي. اميد آهي ته مثبت جواب ملندو.