پنجاب حڪومت شهيد راڻيءَ جي يادگار جي مالڪي نه ڪئي، عدالت وفاق کان جواب طلب ڪري ورتو

لاهور (م ڊ): لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي ياد ۾ لياقت باغ ۾ يادگار اڏڻ ۽ اهم عمارتون سياستدان جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي حوالي سان داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهي درخواستون فيروز شاهه گيلاني ايڊووڪيٽ داخل ڪرايون آهن، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قومي خزاني مان لياقت باغ ۾ بينظير ڀٽو جي نالي سان يادگار اڏڻ غيرقانوني آهي. وفاق طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته بينظير جو يادگار سندس قومي ۽ بين القوامي خدمتن عيوض اڏيو پيو وڃي. جڏهن ته پنجاب حڪومت موقف اختيار ڪيو آهي ته سندن يادگار سان ڪو به تعلق ناهي، نه ئي فنڊ جاري ڪيا ويا آهن.