|
اغوا ٿيل برطانوي ٻار جو ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب، 8 شڪي گرفتار،
مدد طلب |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب جي جهلم واري علائقي مان اغوا
ٿيل پاڪستاني ڄائي برطانوي ٻارڙي جي وارثن مغوي جي بازيابي
لاءِ وزيراعظم کان مدد گهري ورتي. ٻه ڏينهن اڳ پاڪستاني
ڄائو خاندان پنهنجي ملڪ برطانيا وڃي رهيو هيو ته ڦورو سندن
گهر ۾ داخل ٿي زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ سان گڏ سندن پنجن
ورهين جي پٽ حاصل سعيد کي به اغوا ڪري ويا هيا، جڏهن ته ان
جي والد ۽ والده جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني
ناهي پر خبر ناهي ته الائي ڇو اسان جي جگر جي ٽڪڙي کي اغوا
ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس به والدين سان ملاقات ڪري انهن
کي ٻارڙي جي واپس جو دلاسو ڏنو آهي. ٻئي طرف جهلم پوليس جو
چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن هڪ ڪروڙ روپيه ڀنگ جو مطالبو ڪيو
آهي، جڏهن ته ٽيڪسي ڊرائيور سميت اٺ ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو
آهي. ٻئي طرف برطانوي هاءِ ڪميشن جي پنج رڪني ٽيم به جهلم
۾ ٻارڙي جي والد سان ملاقات ڪئي آهي ۽ ان کي مسلسل رابطي ۾
رهڻ جو به يقين ڏياريو آهي. |
|
|
|
|
|
|