هنگو ۾ آپگهاتي حملو، 15 ڄڻا شهيد، آپريشن ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا

هنگو/پاراچنار (آن لائن/م ڊ) هنگو جي تعلقي ٽل جي علائقي انڊور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب سيڪيورٽي فورسز جو قافلو ٽل پارا چنار روڊ تان گذري رهيو هو ته آپگهاتي بمبار ڌماڪيدار مادي سان ڀريل گاڏي قافلي سان ٽڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيلن ۾ عورتون ۽ بار به شامل آهن. هوڏانهن مهمند ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ اهم طالبان قيادت سميت 30 دهشتگرد مارجي ويا.