|
لاهور ۾ ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، 8 رڪني ڪاميٽي
قائم |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ): سائوٿ ايشيا فري ميڊيا طرفان لاهور
ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ پنجاب کي ڏنل
درخواست تي وزيراعليٰ پنجاب شهباز شريف اٺ رڪني ڪاميٽي
قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ وزيراعليٰ پنجاب جو صلاحڪارذوالفقار
کوسو، قانون وارو وزير راڻا ثناءُ الله، تعليم وارو وزير
ميان مجتبيٰ شجاع، سينيٽر پرويز رشيد، سيڪريٽري فنانس،
سيڪريٽري انفارميشن ۽ سيڪريٽري هائير ايجوڪيشن شامل آهي،
جن سائوٿ ايشيا فري ميڊيا سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ميڊيا
يونيورسٽي جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي. سيفما جي جنرل
سيڪريٽري امتياز عالم ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سيفما
صحافت جي پيشي کي جديد بڻائڻ ۽ صحافين کي اعليٰ تعليم
ڏيارڻ لاءِ ميڊيا يونيورسٽي ۾ ميڊيا جي باري ۾ وڌيڪ تعليم
ڏئي سگهي ۽ صحافي يونيورسٽي مان ڊگريون حاصل ڪري انٽرنيشنل
ميڊيا ۾ داخل ٿي سگهن. هن چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ صحافتي
پيشي کي وڌيڪ بهتر بڻئاڻ لاءِ جديد يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي
ضرورت آهي. هن چيو ته هن يونيورسٽي ۾ سارڪ ملڪن جا صحافي
به فائدو حاصل ڪري سگهندا. اليڪٽرڪ ميڊيا سان وابسته
صحافين کي ڪميٽي ۾ شامل وزيراعليٰ جي صلاحڪار ذوالفقار
کوسي ۽ راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽
صحافت جي واڌ ويجهه لاءِ هر مدد ڪندي. ميڊيا يونيورسٽي
قائم ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت کان جيتري مدي ٿي سگهندي ڪئي
ويندي. باقي مرڪزي حڪومت به ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ
مدد ڪري ته جيئن ميڊيا يونيورسٽي کي جلد از جلد تيار ڪيو
وڃي. |
|
|
|
|
|
|