|
ملازمن کي هٽائڻ وارو آرڊيننس ختم، صدر ٻن بلن تي صحيح ڪري
ڇڏي |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صدر آصف علي زرداري نوڪرين تان
برطرفين جي خاص اختيارن واري آرڊيننس 2000 کي رد ڪرڻ سميت
ٻن بلن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. بلن تي صحي ڪرڻ واري تقريب
وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ وڏو وزير قائم علي
شاهه شريڪ هو. صدر زرداري نوڪرين جي خاص اختيارن واري
آرڊيننس 2000 کي رد ڪرڻ واري بل سروسز ٽربيونل ايڪٽ 1973ع
جي شق اي 2 ختم ڪرڻ واري بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون. پورهيتن
فيصلي جي آجيان ڪندي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون. |
|
|
|
|
|
|