|
بلوچستان ۾ جهنگ جو قانون، غير بلوچ استادن جو قتل ۽
ٽارگيٽ ڪلنگز وڌي وئي |
 |
|
ڪوئيٽا (ع آ نيوز) : پاڪستان انساني حقن واري ڪميشن جو چوڻ
آهي ته غير بلوچ استادن جو قتل، ٽارگيٽ ڪلنگز، ڏينهن ڏٺي
ماڻهو مارجڻ صوبي ۾ قانون جي ناڪامي جو ثبوت آهي. انساني
حقن واري ڪميشن بلوچستان جي باري ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو
آهي ته بلوچستان جا واقعا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عام
ماڻهو نه صرف رياستي ادارن پر غير رياستي عناصرن کان به
ڊنل آهن. 36 صفحن تي مشتمل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته
بلوچستان ۾ اعتماد سازي جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽
ان حوالي سان سڀ کان پهرين صوبي مان فوج واپس گهرائي وڃي.
رپورٽ موجب بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي
بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان سڌارا آڻڻ لاءِ
پارليامينٽ ۾ بحث ڪرڻ گهرجي. رپورٽ موجب بلوچستان جي گادي
واري شهر ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽
سج لهندي ئي ڪاروبار بند ٿي وڃي ٿو. |
|
|
|
|
|
|