|
اسٽيل مل جو اڳوڻو چيئرمين عثمان فاروقي ڪرپشن ڪيس مان بري |
 |
|
ڪراچي (آن لائن): ڪراچيءَ جي احتساب عدالت نمبر 4 پاڪستان
اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين عثمان فاروقي کي ڪرپشن ڪيس ۾
باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته عدالت جي جج
رياض احمد راجپوت، عثمان فاروقي کي ڪرپشن ڪيس مان بري ٿيڻ
جو فيصلو ٻڌايو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته عثمان فاروقي
خلاف ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ناهي مليو. |
|
|
|
|
|
|