|
حيدرآباد ۾ اڃايل ۽ بکايل ٽرين مسافر مڇرجي پيا، ريلوي
عملي تي تشدد، رڪارڊ کي باهه |
 |
|
حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) ڪراچي کان پنجاب جي مختلف
شهرن ڏانهن ويندڙ ويندڙ ٽرينن کي نوابشاهه لڳ ٿيل ٽرين
حادثي جو سبب ڄاڻائي ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي
۶
کان
۹
ڪلاڪن تائين بيهارڻ سبب هزارين مسافر مڇرجي پيا، مڇريل
مسافرن ٽڪيٽ ڪليڪٽر، ڪلارڪ ۽ ڪنٽرول روم جو گهيرو ڪري
اسسٽنٽ اسٽيشن ماسٽر سميت
۴
ڄڻن کي سخت مارڪٽ ڪري زخمي ڪرڻ کان پوءِ سمورو رڪارڊ ساڙي
ڇڏيو، احتجاج ڪندڙ مسافرن سروٽا ۽ لٺيون هڻي ريلوي اسٽيشن
تي مختلف آفيسن کي سخت نقصان پهچايو، زخمي ٿيل نور محمد،
محمد ياسين، اسحاق جمالي ۽ طارق حسين کي اسپتال پهچايو ويو،
اهڙي اطلاع ملڻ تي مختلف ٿاڻن جي پوليس جا سوين اهلڪار
گهرايا ويا.
مسافرن جو چوڻ هو ته ريلوي عملي جي نااهلي سبب ڪراچي کان
لاهور، پشاور، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرينن کي
ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي بيهاري مسافرن کي پريشان
ڪيو ويو آهي.
هنن ٻڌايو ته ريلوي انتظاميا پاران کين انتظار ڪرائڻ دوران
پاڻي جو به بندوبست نه ڪيو ويو آهي.
هنن ٻڌايو ته ٽرينن جي بوگين ۾ به پاڻي موجود ناهي، جنهن
ڪري عورتون ۽ ٻارڙا سخت پريشان ٿي رهيا آهن.
هنن چيوته عوامي ايڪسپريس کي 12 وڳي کان ڪوٽڙي اسٽيشن تي
بيهاريو ويو ۽ بعد ۾ شام جو
۶
وڳي کين حيدرآباد پهچايو ويو آهي، جڏهن ته شاليمار
ايڪسپريس کي
۹
ڪلاڪ حيدرآباد اسٽيشن تي بيهاريو ويو.
هنن چيو ته اهڙي صورتحال بابت ريلوي انتظاميا کي شڪايت ڪئي
پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري هو احتجاج ڪرڻ تي
مجبور ٿيا.
هوڏانهن اسٽيشن جي سپرنٽينڊنٽ شمس الدين جو چوڻ هو ته
نوابشاهه لڳ ٿيل ريلوي حادثي کان پوءِ ريلوي جو هڪ ٽريڪ
بند ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هو ٽرينن کي مجبورن روڪي احتياط
سان وڃڻ جي اجازت ڏين ٿا ته جيئن ڪنهن به امڪاني حادثي کان
بچي سگهجي.
هنن ٻڌايو ته ٽرينن جي ليٽ ٿيڻ ڪري مسافرن مڇرجي ڪنٽرول
روم ۾ داخل ٿي ريلوي جو رڪارڊ ساڙي ڇڏيو آهي، هن چيو ته
سندن ڪوشش آهي ته جلد ئي ريلوي جو نظام بحال ٿي وڃي.
ٻئي طرف مسافرن جي تشدد ۾ زخمي ٿيل ڪنٽرول روم تي مقرر
اسسٽنٽ اسٽيشن ماسٽر طارق حسين ٻڌايو ته هن بگڙجندڙ حالتون
ڏسي فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس سندن ڪا به
مدد نه ڪئي، جنهن ڪري مڇريل مسافرن ڪنٽرول روم ۾ اچي کيس
سخت تشدد جو نشانو بنايو ۽ ٻن مهينن جو رڪارڊ ساڙي ڇڏيو.
جڏهن ته حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي هڪ درجن کان وڌيڪ ٽرينون
بيٺل هيون، جن ۾ هزارين مسافر عورتن ۽ ٻارڙن سميت پريشان
ويٺل هئا.
رات دير تائين ٽرينن جي روانگي جو سلسلو بند هو، ٻڌايو وڃي
ٿو ته احتجاج کان پوءِ ريلوي انتظاميا شاليمار ايڪسپريس کي
حيدرآباد کان روانو ڪري ڏيٿا اسٽيشن وٽ روڪي ڇڏيو هو.
|
|
|
|
|
|
|