فلور ملز مالڪن جي 2 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد(اي پي پي) خوراڪ ۽ زراعت واري وفاقي وزير نذر محمد گوندل چيو آهي ته ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ جو فيصلو حتمي پيداواري ڪاٿي کان پوءِ ڪيو ويندو. جمعي تي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته زراعت واري وزارت فلور ملن طرفان 2 لک ٽن ڪڻڪ  ايڪسپورٽ ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.آل پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن  2 لک ٽن ڪڻڪ افغانستان ايڪسپورٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مارچ جي پڇاڙي تائين ڪڻڪ جي حتمي پيداوار جو ڪاٿو پڌرو ٿي ويندو جنهن کان پوءِ ئي ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ جو فيصلو ٿيندو جيڪو اپريل ۾ متوقع آهي.