|
آمريڪا لاطيني آمريڪا جي اتحاد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
آهي: هوگوشاويز |
 |
|
ڪراڪس (اي پي پي) وينزويلا جي صدر هوگو شاويز چيو آهي ته
آمريڪا لاطيني آمريڪا جي اتحاد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
آهي. وينزويلا جي ميڊيا
ذريعن موجب صدر هوگوشاويز اهو بيان آمريڪي پرڏيهي وزير
هيلري ڪلنٽن جي ان بيان جي ردعمل ۾ ڏنو جنهن ۾ آمريڪا جي
پرڏيهي وزير لاطيني آمريڪا جي ملڪن تي زور ڀريو ته اهي
جمهوريت جي استحڪام لاءِ وڌيڪ قدم کڻن. ان بيان ۾ آمريڪي
پرڏيهي وزير وينزويلا جي صدر هوگو شاويز کي تنقيد جو نشانو
بڻائيندي چيو هو ته هو ملڪ ۾ بنيادي حقن جي راهه ۾ رڪاوٽ
آهي. جواب ۾ وينزويلا جي صدر هوگو شاويز چيو ته آمريڪي
پرڏيهي وزير جي لاطيني آمريڪا جي دوري جو مقصد لاطيني
آمريڪا جي اتحاد کي ٽوڙڻ آهي. |
|
|
|
|
|
|