|
ذهني طور عالمي ليول جا ماڻهو پيدا ٿيڻ کپن، ردي ڳالهيون
به پڙهڻ گهرجن: پليجو |
 |
|
حيدرآباد (پ ر) : عوامي تحريڪ جي 40 هين سالگرهه جي موقعي
تي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف ضلعن، تعلقن، شهرن ۽ ڳوٺن
۾ سالگرهه تقريبون ڪيون ويون. حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي
سربراهه رسول بخش پليجي جي رهائشگاهه تي عوامي تحريڪ جي
سالگرهه جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾
عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي سالگرهه جو ڪيڪ
ڪاٽيو. تقريب ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سيد عالم شاهه، سرمد
راڄپر، زاهده شيخ، روشن برهماڻي، فريد ڪلهوڙي، حسنه راهوجو،
دوست علي ڪٽوهڙ، زاهد ملاح، بانو عمراڻي، اياز چانڊيي، فيض
محمد ٽالپر، گل حسن ڪيڙانو، اياز سمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان
موقعي تي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي خطاب ڪندي
چيو ته عوامي تحريڪ جي 40 سالن جي تاريخ جو دارومدار اڄ تي
آهي. عوامي تحريڪ ڪنهن به ڳالهه کي سمورن پاسن کان ڏسندي
آهي. هن چيو ته اسان کي عوامي تحريڪ جي روح کي سمجهڻو
پوندو. شين کي مڪمل طور تي سمجهي پوءِ هلڻ گهرجي. اسان جو
سفر ابتڙ ڳالهين جو ميلاپ آهي. رڳو وڻندڙ ڳالهين تي ڪم ڪبو
ته ڪم نه هلندو. پاڻ کي ردي ڳالهيون به پڙهڻ گهرجن. دنيا
جو سمورو علم پڙهڻ گهرجي. هن چيو ته رڳو وڏيرڪو نظام ئي نه
پر راڄوڻي نظام به خراب آهي. هن چيو ته ذهني طور تي عالمي
ليول جا ماڻهو پيدا ٿيڻ کپن. |
|
|
|
|
|
|