تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊر عالم محسود جي رمانڊ واري درخواست رد

ڪراچي (م ڊ): ڪراچي جي مقامي عدالت هڪ ڏينهن اڳ سرجاني ٽائون مان گرفتار ڪيل پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي مبينا ڪمانڊر عالممحسود کي پوليس رمانڊ حوالي ڪرڻ واري دردخواست رد ڪندي کيس 18 مارچ تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.