23 مارچ کان اڳ 17 هين ترميم ختم ٿي ويندي: تاثير

لاهور (م ڊ): پنجاب جي گورنر سلمان تاثير چيو آهي ته 23 مارچ کان پهرين 17 هين ترميم ختم ٿي ويندي. جهنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سلمان تاثير چيو ته شرم جهڙي ڳالهه آهي جو پوليس کلي عام ماڻهن تي تشدد ڪري رهي آهي ۽ نواز ليگ جو ايم پي اي تشدد روڪرائڻ بدران ماڻهن کي وڌيڪ مارڻ جون هدايتون ڏئي رهيو آهي.