پورهيت هاڻي وڌيڪ جوش ۽ محنت سان ڪم ڪندا: پ پ

ڪراچي (پ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ميڊيا سيل جي انچارج شرجيل انعام ميمڻ صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان مزدورن جي حقن واري ترميمي بل تي صحيح ڪرڻ واري عمل کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مشن جي ڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سدائين هارين ۽ مزدورن سميت هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي حقن جي پاسداري ڪندي رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ميڊيا سيل مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته هڪ ڊڪٽيٽر پنهنجي آمراڻي دور ۾ ملڪ جي ادارن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪندي مزدورن کي پنهنجي حقن کان محروم ڪري کين جبري برطرفي وارو قانون رائج ڪيو، جنهن سبب مزدورن ۾ بيچيني پکڙيل هئي ته کين ڪنهن به وقت ادارن مان ڪڍيو ويندو، جنهن سبب ادارا ڏينهون ڏينهن زوال پذير ٿي رهيا هيا. هن چيو ته جيڪڌهن ڪنهن اداري جا مزدور خوش ۽ مضبوط هوندا ته اهو ادارو به مضبوط ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو. پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهري ٿي، جنهن ڪري ئي مزدورن کي پنهنجا کسيل حق واپس ڪري انهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري رهي آهي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري طرفان مزدورن جي حقن واري بل تي صحيح ڪرڻ سان مزدورن کي ادارن ۾ 10 سيڪڙو جو حصيدار تسليم ڪيو ويندو. هاڻي هر مزدور اداري کي پنهنجو سمجهندي وڌيڪ محنت ۽ جوش سان ڪم ڪندو ۽ انشاءَالله اسان جو ملڪ وڌيڪ ترقي ۽ مضبوط ادارن وارو ملڪ ٿيندو.