لاڙڪاڻي سنيٽرل جيل ۾ قيدين جو احتجاج، ڇتين تي بسترن کي باهيون

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي سينٽرل جيل جا قيدي مطالبن جي مڃتا لاءِ بئرڪن جي ڇتين تي چڙهي ويا، صبح کان لاڳيتو رات تائين قيدين جي احتجاج سبب انتظاميه جيل کي سيل ڪري قيدين ڏانهن بجلي، گئس ۽ پاڻي جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي. شنواين تي نه وٺي وڃڻ، طبي سهولتون فراهم نه ڪرڻ ۽ زيادتين خلاف ڪالهه صبح جو سينٽرل جيل جا سوين قيدي احتجاجن بئرڪن جي ڇتين تي چڙهي ويا. هنن ڇتين تي جيل انتظاميه خلاف نعرا لڳايا ۽ بسترن کي باهيون ڏئي ڇڏيون. احتجاج ڪندڙ قيدين جو چوڻ هو ته جيل اندر صحت جون ڪي به سهولتون نه آهن ۽ بيمار قيدين جو ڪوبه علاج نه پيو ڪيو وڃي، ايتري قدر جو جيل ۾ مقرر ڊاڪٽر اعجاز تنيو قيدين لاءِ ملندڙ دوائون ٻاهر کپائي ڇڏي ٿو ۽ سندس قيدين سان رويو به ٺيڪ نه آهي. هنن چيو ته اسانکي نفري گهٽ ۽ گاڏيون نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي شنواين تي ڪورٽن ڏانهن به وقت تي نه پيو موڪليو وڃي، اسان پنهنجي جائز مسئلن لاءِ صبح کان احتجاج ڪري رهيا آهيون، جيل انتظاميه اسانجون ڳالهيون ٻڌڻ بدران بجلي، گئس ۽ پاڻي جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين اسان جا جائز مسئلا حل نه ٿيندا ته ٽوٽل نه ڏينداسون. آخري اطلاعن تائين قيدين جو احتجاج جاري هو ۽ هو بئرڪن جي ڇتين تي چڙهيل هئا، جڏهن ته جيل عملو بيوس بڻيل هو.