|
13 مارچ کان سڄي سنڌ ۾ حقن تي ڌاڙن خلاف ريلين جو اعلان
|
 |
|
حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊيءَ جو اجلاس
پارٽيءَ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيي جي صدارت ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ تنظيمي معاملن کان علاوه ڏيهي ۽ عالمي سياسي
صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ هولي جي ڏينهن
هندن جي قتل ۽ سڄي سنڌ مان سنڌي هندن جي اغوا واري لهر تي
مذمت ڪندي چيو ويو ته ڌاريا سنڌ ۾ وڻج واپار ۽ ٻيا ڪم
آزاديءَ سان ڪري رهيا آهن، جن جي حڪومت تحفظ ڪري ٿي پر اصل
ڌرتي ڌڻين جي تحفظ ڪرڻ ۾ سرڪار ناڪام رهي آهي، اجلاس ۾ اهو
پڻ طئه ڪيو ويو ته 1945ع ٺاهه تحت سنڌيءَ پنهنجي حص جو
پاڻي وٺرائڻ، ڌاري آبادڪاري، آدمشماري واري معاملي تي 13
مارچ کان جيئي سنڌ محاذ پاران سڄي سنڌ ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽرن
۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. آخر ۾ اجلاس جي صدارتي
تقرير ڪندي محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيي چيو ته سنڌ
12 سئو ارب رپين کان وڌيڪ وفاق کي ڪمائي ٿي ڏئي پر سنڌي
ماڻهن جي معاشي ۽ اقتصادي حالتون ته ٺيڪ نه ٿي سگهيون آهن
ويتر تباهي جي ڪناري پهتل آهن، هن چيو ته نوڪرين ۾ پنهنجن
کي نوازڻ جو سلسلو جاري آهي، حڪومت جي اهڙي پاليسي سان
ماڻهن جي حقتلفي پئي ٿئي، هن چيو ته فصلن کي وقت سر پاڻي
نه ملڻ ڪري سنڌي ماڻهن جي معاشي ۽ اقتصادي طور تي تباهه
پئي ٿئي انڪري سنڌي جي ڌرين کي سڄاڳ ٿيڻ گهرجي. |
|
|
|
|
|
|