|
پاڪ-هند ناتن ڀارتي سياست ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو، دٻاءُ ناهي:
من موهن |
 |
|
نئين دهلي (م ڊ) پاڪ-هند تعلقاتن تي ڀارتي سياست ۾ ٻڙڌڪ
مچي ويو آهي. وزيراعظم من موهن سنگهه پارليامينت ۾ وضاحت
پيش ڪندو رهيو. من موهن چيو ته ڳالهيون آمريڪي دٻاءَ جي
نتيجي ۾ ناهن ڪيون. اهي ڀارت جي سوچيل سمجهيل پاليسيءَ جو
نتيجو آهي، اڳتي وڌڻ لاءِ ٻه طرفيون ڳالهيون ئي واحد حل
آهي. مخالف ڌر ڀارتي وزيراعظم ۽ مملڪتي وزير منشي ٿرور تي
سخت تنقيد ڪندي ان مٿان پاڪستان سان تعلقاتن ۾ يوٽرن وٺڻ
جو الزام لڳايو. |
|
|
|
|
|
|