لاڙڪاڻي ۾ عدالتي پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ اي ايس آءِ مرڻينگ، ناري کي قتل ڪرڻ جا اطلاع

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نويدلاڙڪ) لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پوليس تحفظ ۾ گهر ويندي پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان تي حملو، نوجوان شاهه بخش مزاري هڪ اي ايس آءِ سميت مرڻينگ، ڪار گولين سان پروڻ ٿي وئي، هٿياربند فرار، ساڻس پرڻو ڪندڙ سيدياڻي جي قتل جا اطلاع مليا آهن. ڪشمور تعلقي جي ڳوٺ حاجي غلام نبي مزاري جي رهواسي فوجي جوان شاهه بخش پٽ صحبت خان مزاري ڳوٺ بڍاڻي جي رهواسڻ صغريٰ بيبي ڌيءَ سيد شير شاهه سان رحيم يار خان جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو، جوڙي پاران داخل ڪيل تحفظ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ جسٽس شاهد انور باجوا تي ٻڌل سنگل  بئنچ اڳيان ٿي، جتي ڪشمور پوليس صغريٰ بيبيءَ کي اعليٰ عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ڌر بڻايلن مان صغريٰ جا ڀائر عمران شاهه، عرفان شاهه ۽ ٻيا مائٽ توڙي لاڳاپيل پوليس عملدار پڻ پيش ٿيا. عدالت ۾ صغريٰ بيبي اعتراف ڪيو ته هن فوجي جوان شاهه بخش مزاريءَ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جڏهن ته مان هاڻي پنهنجي ڀائرن سان وڃڻ چاهيان ٿي. عدالت سندس مرضيءَ مطابق صغريٰ بيبيءَ کي ڀائرن حوالي ڪيو، جڏهن ته ڪشمور پوليس کي حڪم ڪيو ته نوجوان شاهه بخش مزاريءَ کي پوليس تحفظ ۾ خيريت سان ڳوٺ پهچايو وڃي. بعد ۾ بڍاڻي ٿاڻي جو ايس ايڇ او حسن الدين گوپانگ جي نگرانيءَ ۾ پوليس شاهه بخش مزاريءَ کي هڪ خانگي ڪار نمبر اي جي جي 663 تي هاءِ ڪورٽ مان کڻي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيا هئا ته لاڙڪاڻي شهر جي جي ٽي روڊ تي سٽي اسڪول اڳيان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن ڪار تي ڪلاشنڪوف سان فائرنگ ڪئي جنهن سبب ڪار گولين سان پروڻ ٿي وئي ۽ ان ۾ ويٺل نوجوان شاهه بخش مزاري ۽ بڍاڻي ٿاڻي جو اي ايس آءِ مغل لاشاري مرڻينگ ٿي پيا، جڏهن ته ايس ايڇ او ۽ ڊرائيور بچي ويا. واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. ڪيتري ئي وقت تائين ٽريفڪ معطل رهي. بعد ۾ ساڳئي ڪار ۾ ايس ايڇ او بڍاڻي زخمين کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو جتي زخمي اي ايس آءِ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته نوجوان شاهه بخش جي حالت خطريءَ کان ٻاهر آهي. اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي زخمي شاهه بخش مزاري ٻڌايو ته منهنجي مٿان صغريٰ جي ڀائرن ۽ ٻين مائٽن گڏجي حملو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته هڪ علائقي جا هئڻ ڪري صغريٰ ۽ منهنجو هڪٻئي سان پيار ٿيو پر صغريٰ جا وارث سيد هجڻ ڪري ان جو رشتو ڏيڻ لاءِ راضي نه هئا جنهنڪري صغريٰ گهران نڪري مونسان پسند جو پرڻو ڪيو ۽ رحيم يار خان جي عدالت اسانکي گڏ رهڻ جي اجازت به ڏني. بعد ۾ سندس وارثن شادي جو دلاسو ڏئي کيس وٺي وڃڻ کانپوءِ صغريٰ کي واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي آءُ سندس بازيابيءَ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جتي صغريٰ پاڻ پسند جي شادي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو پر وارثن جي دٻاءَ سبب هن مونسان گڏ رهڻ بدران ڀائرن سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو جنهن مان پتو پيو ته اهي صغريٰ کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيندا. ٻئي پاسي شاهه بخش جي وڪيل احمد نواز پيچوهو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي ڪلائينٽ شاهه بخش کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ اطلاع آهن ته سندس وارثن صغريٰ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي اڃا تائين تصديق نه ٿي آهي. هن چيو ته سڄو معاملو پوليس جي نااهليءَ سبب پيش آيو آهي، زخمي ڪلائينٽ شاهه بخش مونسان رابطو ڪري صغريٰ کي هٿ ڪرڻ لاءِ ٻيهر پٽيشن داخل ڪرڻ لاءِ چيو آهي جنهن بعد ان جي قتل ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت تصديق ٿي ويندي، جڏهن ته حملي واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويندو.