ڪستوري ڪولهڻ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان) ننگر پارڪر جي نينگري ڪستوري ڪولهڻ جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪالهه مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، ڪراچي ۾ پاڪستان دلت ساليڊرٽي نيٽ ورڪ ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان ذوالفقار شاهه، شجاع قريشي، عروج ضياءَ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، مٺي ۾ ڀورو مل مالهي، بالو ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو، حيدرآباد ۾ سنڌي هاري پورهيت ڪائونسل ۽ ن ليگ ليڊيز ونگ پاران سڪينه چانڊيو، فرح ناز، پنهل ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا نئون ڪوٽ ۾ سنڌ ڪولهي اتحاد پاران ڊابهي مل ڪولهي ۽ گرداري لال جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي هنن جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.