|
پيپڪو ٿر مان ڪوئلو خريد ڪري 1200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندي،
سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ پيپڪو ۾ يادداشتنامي تي
صحيحون، ڪوئلي جو اگهه طئه ڪرڻ لاءِ ڌار ايجنسي قائم ڪرڻ
جو فيصلو |
|
پنجاب سان پاڻي تڪرار ختم ٿي ويو، 91ع ٺاهه کانسواءِ ڪو به
فارمولو قبول ناهي:
وڏو وزير |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه
چيو آهي ته چشمه جهلم لنڪ دائمي يا غير دائمي ڪينال نه پر
فقط لنڪ ڪينال آهي، جيڪو گذريل سال به 170 ڏينهن بند رهيو
آهي. پاڻي معاملي تي سنڌ جو موقف پنجاب تسليم ڪري ورتو آهي
۽ ٻنهي صوبن وچ ۾ پاڻي تڪرار اتحاد ۽ اتفاق سان حل ٿي ويو
آهي. سنڌ يا پنجاب 1991 واري پاڻي ٺاهه کانسواءِ ڪنهن
فارمولي کي قبول نه ڪندا ۽ ٻئي صوبا پاڻي معاملي تي ڪا به
سوديبازي نه ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ
هائوس ۾ ٿر ڪول انرجي بورڊ جي گڏجاڻي کانپوءِ ميڊيا سان
ڳالهائيندي ڪيو. سيد قائم علي شاهه چيو ته حڪومت ٿر ڪول
انرجي بورڊ تي مڪمل ڌيان ڏئي رهي آهي. اڄ پيپڪو سان ٿيل
ٺاهه مطابق پيپڪو ٿر مان ڪوئلو خريد ڪري ٻارهن سئو ميگاواٽ
بجلي پيدا ڪندي. جڏهن ته اينگرو ڪمپني سان به 12 سئو
ميگاواٽ بجلي جي پيداوار لاءِ ٺاهه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته
بورڊ جا ميمبر ۽ حڪومت باقاعدگي سان ٿر ڪول جي منصوبن جي
نگراني ڪري رهيا آهن. اجلاس دوران سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ
ڪمپني ۽ پيپڪو وچ ۾ يادداشتنامي تي صحيحون پڻ ٿيون، جڏهن
ته اجلاس ۾ ٿر جي ڪوئلي جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڌار ايجنسي
قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٿر ۾
ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 5 ادارن پاران
سيڙپڪاري لاءِ آڇون وصول ٿيون آهن. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي
وزير راجا پرويز اشرف چيو ته ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر
مبارڪ به ڪوئلي مان گئس پيدا ڪرڻ واري رٿا تي ڪم ڪري رهيو
آهي ۽ اها رٿا جلد ڪامياب ٿيندي. قانون ۽ پارلياماني
معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته ٿر جي
ڪوئلي سان سنڌ جي تقدير بدلجي ويندي. وفاقي حڪومت ڪوئلي جي
ترقي جي سلسلي ۾ هر ممڪن سهڪار ڪندي. |
|
|
|
|
|
|