|
گئس مان گهربل بجلي پيدا نه ٿيڻ سبب بجلي جي پيداوار لاءِ
تيل استعمال ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري بجلي اگهن ۾ واڌ اڻٽر
آهي: نيپرا |
|
بجلي اگهن ۾ هڪ روپيو 2 پئسا واڌ، نوٽيفڪيشن جاري |
 |
|
اسلام آباد (م ڊ): نيپرا بجلي اگهن ۾ هڪ روپيو 2 پئسا واڌ
ڪرڻ جو اعلان ڪندي نئين قيمت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گهربل بجلي گئس
مان پيدا نه ٿيڻ سبب بجلي جي پيداوار لاءِ تيل استعمال ڪيو
پيو وڃي، تنهن ڪري بجلي اگهن ۾ واڌ اڻٽر آهي. نوٽيفڪيشن
موجب بجلي تيار ڪندڙ تيل جي پيداواري قيمت ۾ هڪ روپيو 02
واڌ ٿيڻ سبب بجلي في يونٽ 62 پئسا مهانگي ٿي ويندي، اپريل
جا بل نين قيمتن تي ٻڌل هوندا. نيپرا وڌيڪ چيو آهي ته
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ مسلسل واڌ سبب اهڙو قدم کڻڻو
پيو، گئس مان پيدا ٿيندڙ بجلي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي
آهي. |
|
|
|
|
|
|