|
بلاول اڳيان آڻيون پيا، هاڻي عوام کي رليف ڏينداسين:
وزيراعظم |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته
اسان بلاول ڀٽو زرداري کي اهڙو سياسي ماحول ڏينداسين، جنهن
۾ ان کي ڪا به پريشاني پيش نه ايندي، نئين قيادت کي اڳيان
آڻڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري کي اڳيان آڻي رهيا آهيون. ڪارڪن
متحد ٿي پارٽي مضبوط ڪن. ڪارڪن پارٽي جو سرمايو آهن. پيپلز
پارٽي چئني صوبن سان گڏ گلگت بلتستان ۾ به مضبوط آهي.
پيپلز پارٽي جو هي آخري ڀيرو ناهي، پيپلز پارٽي ٻيهر به
اقتدار ۾ ايندي. لاهور ۾ اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ پيپلز پارٽي
پنجاب جي اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته
پارٽي اجلاسن ۾ اختلاف راءِ رکڻ جمهوري عمل آهي. پارٽي
ڪارڪنن کي به کپي ته هو حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ
تجويزون ڏين. هن چيو ته پارٽي کي بينظير ڀٽو شهيد جي فلسفي
۽ مشن جي مطابق هلائڻو آهي، اهو ئي اسان جي حڪومت جو منشور
به آهي. هن چيو ته تنقيد ڪرڻ تمام آسان آهي. مان جتي به
وڃان ٿو مون کان بيروزگاري، مهانگائي ۽ امن امان جي
صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ چيو ٿو وڃي مان مڃان ٿو ته اهي
مسئلا آهن پر موجوده حڪومت دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان
جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ان کي به
ساراهيو وڃي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان جي
صورتحال بهتر ٿيڻ سان ملڪ ۾ غير ملڪي سرمائيڪارن جي لائن
لڳي ويندي. هن چيو ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پارٽي جي ٿنڪ
ٽينڪ آهن ۽ ڪيترائي پارٽي اڳواڻ اهڙا آهن جيڪي مون کان به
سينيئر آهن. انهن طرفان جيڪي به تجويزون اينديون انهن کي
سڌاري جي طور تي وٺنداسين. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي
ئي پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، جيڪا صرف چئن صوبن ۾
نه پر گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به موجود آهي پر اسان کي
اڃان پارٽي کي وڌيڪ ٺاهڻو پوندو. هن چيو ته بينظير ڀٽو
چاهيندي هئي ته جيڪا حڪومت جي پاليسي هجي اها پارٽي کي
ٻڌائي وڃي ۽ پوءِ پارٽي ان باري ۾ عوام کي آگاهه نه ڪري.
هن چيو ته اسان پنهنجي موجوده حڪومتي دور ۾ تمام اهم ڪم
ڪيا آهن پر مون کي افسوس آهي ته اسان ان جي باري ۾ پارٽي
کي آگاهه ڪري سگهيا آهيون. هاڻي اسان پارٽي اڳواڻن کي
سيمينارن ۽ ٻين فورمن تي وٺي وينداسين ته جيئن پارٽي کي
اها ڄاڻ هئڻ گهرجي ته پاڪستان جي دفاعي، ائٽمي، معاشي ۽
زرعي پاليسي ڇا آهي. هن چيو ته ڪشمير پاليسي به تمام اهم
آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ڪشميري عوام جي حمايت ڪندي
بطور پرڏيهي وزير استعيفيٰ ڏني هئي ۽ پوءِ پنهنجي پارٽي
ٺاهي، اسان به مسئلي ڪشمير تي ڪا به سودي بازي نه ڪنداسين.
هن چيو ته پارٽي ڪارڪنن ۽ عهديدارن جون تجويزون حڪومت جي
فائدي ۾ هونديون ۽ ان سان حڪومت کي به مضبوط ڪيو ويندو. هن
چيو ته جڏهن به ڪو وڏو مسئلو ٿيندو آهي ته مان پارٽي جي
شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري کي چوندو آهيان ته سي اي
سي جو اجلاس گهرائي ۽ پوءِ اجلاس ۾ سڀني کي اعتماد ۾ وٺندو
آهي پر شايد اسان حڪومتي فيصلن کان پارٽي کي وقت تي آگاهه
نه ڪري سگهيا آهيون. اهڙي طرح فيصلا اسان ڪندا رهياسين ۽
ڪريڊٽ ٻيا وٺندا رهيا. پر هاڻي پارٽي اڳواڻن جي ذميواري
آهي ته هو حڪومتي ڪارڪردگي کي عوام ۾ هيٺين سطح تائين
پهچائن. هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته پارٽي ۾ صدر، وزيراعظم
يا وزيرن سان اختلاف نٿو ٿي سگهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي
ته اسان پنهنجون ڪمزوريون بازارن ۾ ٻڌائڻ بدران پارٽي ۾
رهندي ختم ڪيون ۽ پارٽي کي ڊسيپلين ۽ منشور تحت اڳتي
وڌايون. پارٽي کي ايندڙ نسل تائين وٺي وڃڻو آهي ۽ بلاول
ڀٽو کي به متعارف ڪرائڻو آهي. وزيراعظم گيلاني وڌيڪ چيو ته
ابتدائي 2 سال حڪومت لاءِ مشڪلاتن وارا هئا. ايندڙ ٽن سالن
۾ عوام کي رليف ڏينداسين. دهشتگرديءَ خلاف قوم کي متحد ڪرڻ
حڪومت جو وڏو ڪارنامو آهي. |
|
|
|
|
|
|