|
سوئيز ڪيس نه کولڻ تان اٽارني جنرل جا حڪومت سان اختلاف،
استعيفيٰ تي غور |
 |
|
اسلام آباد (م ڊ): اٽارني جنرل انور منصور خان استعيفيٰ
ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اٽارني جنرل
حڪومت کي مشورو ڏنو هو ته صدر زرداري خلاف سوئيس ڪيس کولڻ
بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي، جنهن تي ايوان
صدر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن مطابق ايڊووڪيٽ جنرل
۽ ڊپٽي اٽارني جنرلن جي مقرريءَ تان به انور منصور خان ۽
قانون واري وزير بابر اعواڻ وچ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن. اهڙي
صورتحال کانپوءِ اٽارني جنرل استعيفيٰ ڏيڻ تي غور شروع ڪري
ڇڏيو آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل جي رابطي ڪرڻ تي انور منصور
ترديد يا تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. |
|
|
|
|
|
|