|
ڪراچي (نمائندن وٽان): ڪراچيءَ ۾ پڪو ڪرڻ لاءِ احٽجاج
ڪندڙ اين پي آءِ ڊبليو جي ملازمن تي لٺبازي ۽ شيلنگ خلاف
سڄي سنڌ ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.
لاڙڪاڻي م جسقم جي ڪارڪنن مظفر سانڊاڻي، عزيز شيخ، اطهر
سومري، ظفر ڪوري، عامر عباسي، محبوب ڀٽي، اشرف ڪلهوڙي جي
اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته اين پي آءِ ڊبليو جي
ملازمن جناح باغ چوڪ تي ڪئمپ لڳائي بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي
آهي. قمبر ۾ جسقم ڪارڪنن ڊاڪٽر الياس تنئي، ممتاز لاکي،
نور احمد چانڊيي ۽ مختيار مغيريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪرڪيٽ
گرائونڊ کان شهداءَ چوڪ تائين جلوس ڪڍي ڪراچي ۾ سنڌي
نوجوانن تي پوليس تشدد جي مذمت ڪئي. قبي سعيد خان ۾ جسقم
اڳواڻ ڦوٽي مگسي، رسول بخش بروهي، اختر مگسي، ذوالفقار
بروهي ۽ طارق ڀٽي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري بس اسٽاپ تي ڌرڻو
هنيو ويو. ميهڙ ۾ واٽر ڪورس جي ملازمن طالب مهيسر، نعيم
مهيسر ۽ محمد علي آفتاب احمد ۽ جسقم ڪارڪنن محرم بروهي،
اڪبر کوکر ۽ حليم چني جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرا ڪيا ويا.
شڪارپور ۾ جسقم ڪارڪنن عبدالسميع جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو،
جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻن سنهري بروهي، سهيل منگي ۽ خان
محمد تشدد جي مذمت ڪئي. جيڪب آباد ۾ جسقم ڪارڪنن ضلعي آفيس
کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي جنهن جي اڳواڻي بهرام لهر،
شعبان دايي، شفيع سنجراڻي، شاهه لاشاري، رحمت الله اوڍاڻي،
عبدالمنان ۽ سليم سومري ڪئي. ٺل ۾ جسقم ڪارڪنن رهبر چوڪ
کان جلوس ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ڳڙهي خيري ۾ جسقم
پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي بهرام لهر،
ديدار عمراڻي، عابد دايي، عمر بروهي، منٺار لغاري، شبير
عمراڻي، ظفر دايي، جبار سنڌي، اسلم بليدي ۽ حاجي خا جمالي
ڪئي. ميرپور ماٿيلي ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن اعجاز پتافي،
اختر سيال، رشيد ڪلوڙ، ڪمال مهر، عبدالحق کٽياڻ ۽ ٻين
ڀٽائي چوڪ آڏو احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو. سکر ۾ به اين پي آءِ
ڊبليو جي ملازمن پنهنجي ساٿين تي تشدد خلاف پريس ڪلب اڳيان
مظاهرو ڪيو. خيرپور ۾ جسقم ۽ جساف ڪارڪنن جلوس ڪڍي پريس
ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، جنهن کي اڳواڻن اسلم شيخ، طارق ڇڄڙي،
گلفام چني، عبدالسميع شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي پرامن ملازمن تي
لٺبازي جي مذمت ڪئي. موري ۾ اين پي آءِ ڊبليو جي ملازم
سهيل ڪورائي، عباس کوکر، جاويد ڀنگر، نذر احمد ملاح،
شاهنواز ۽ ٻين پنڃاري فقير جي درگاهه کان پريس ڪلب تائين
ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ جسقم، ايس ٽي پي، ش ڀ ۽ ٻين
سياسي سماجي پارٽين جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي. ٺاروشاهه ۾
ملازمن جي حق ۾ جسقم ڪارڪنن شاهد سومري، بلاول ڏاهري، منير
عباسي، مظهر چانڊيي ۽ قابل ڪلهوڙي جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو
ڪيو. هنڱورجن ۾ جسقم ڪارڪنن علي عثمان ميمڻ، نذير لند، ۽
فياض ڏاهري جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي
نعريبازي ڪئي. نواب شاهه ۾ اين پي آءِ ڊبليو جي ملازمن
ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن کي
سرفراز ميمڻ، انجنيئر مرتضيٰ سيال، فهيم ڀٽي ۽ ٻين خطاب
ڪيو. دوڙ ۾ جسقم ڪارڪنن آصف جمالي، شفيق شاه ۽ مشتاق
پرهياڙ جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. حيدرآباد ۾
جسقم ڪارڪنن ملازمن جي حق ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، مسرور ٿيٻي،
غلام مصطفيٰ پنهور ۽ رحمان پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب
اڳيان مظاهرو ڪيو. ماتلي ۾ جسقم ڪارڪنن اشرف چانڊيي، مخمور
سومري ۽ جمن ڪڇيءَ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ميرپورخاص ۾
جسقم ڪارڪنن اڪرم قمبراڻي ۽ علي گوهر لغاريءَ جي اڳواڻيءَ
۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي. ڪنريءَ ۾ جسقم ڪارڪنن
رمضان خاصخيلي، يونس چانڊيي ۽ رحيم خاصخيليءَ جي اڳواڻيءَ
۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي مظاهرو ڪيو. جهوڪ شريف ۾ جسقم
ڪارڪن شوڪت رنگريز جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. سجاول ۾
نظير لغاري، منظور ميمڻ، ممتاز ساند، ايوب کوسي، ممتاز
لغاري ۽ غلام محمد ٻارڻ جي اڳواڻي ۾ جسقم ڪارڪنن ملازمن جي
حق ۾ مظاهرو ڪيو. جسقم ڪارڪنن گلشن حديد ۾ به ريلي ڪڍي،
جنهن جي اڳواڻي يونس ڏهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): نيشنل پروگرام فار امپرومينٽ آف
واٽر ڪورسز جي سوين ملازمن جو ڪراچيءَ پريس ڪلب اڳيان
لڳاتار ٻن ڏينهن کان پڪو ڪرڻ لاءِ ڌرڻو جاري آهي، پر حڪومت
جو ڪو به وزير يا چونڊيل نمائندو ملازمن کان مسئلا معلوم
ڪرڻ لاءِ وٽن لڙي نه آيو آهي. جمع ڏينهن کان شروع ٿيل ڌرڻو
رات دير تائين جاري رهيو ۽ ملازمن 2 راتيون پريس ڪلب اڳيان
روڊ تي سمهي گذاري ڇڏيون آهن. ق ليگ جي ايم اين اي ماروي
ميمڻ ڪالهه ٻئي ڏينهن به ملازمن سان احتجاج ۾ شريڪ رهي.
وائيس چيئرمين وقار شاهه اعلان ڪيو ته اين پي آءِ ڊبليو جي
18 سئو ملازمن کي پڪو ڪرڻ تائين سندن ڌرڻو جاري رهندو. هن
چيو ته اداري جي 18 سئو ملازمن جو تعلق زراعت جي شعبي سان
آهي، انهن کي مستقل ڪرڻ واري سمري سنڌ جي وڏي وزير جي ميز
تي گذريل هڪ سال کان موجود آهي، پر سيد قائم علي شاهه ان
کي اهميت نه ٿو ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته جمع ڏهاڙي سنڌ جي وڏي
وزير جو صلاحڪار راشد رباني ۽ خاص مددگار وقار مهدي پريس
ڪلب آيا، پر هنن ڌرڻي ۾ شامل ملازمن سان ملڻ به مناسب نه
سمجهيو. ٻئي طرف مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ سيد مشاهد حسين،
سيد غوث علي شاهه، غوث بخش مهر ماروي ميمڻ، جمعيت علماءِ
اسلام ڪراچي جو امير قاري عثمان، عوامي تحريڪ جي ايڊووڪيٽ
مظهر راهوجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي گلزار سومرو ۽ ٻين
ڌرڻي ۾ شامل ٿي احتجاجي ملازمن سان يڪجهتي ڪئي. ان موقعي
تي مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ سيد مشاهد حشين چيو ته موجوده
حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ ۾ ملازمن کي پڪو
ڪرڻ بدران پوليس هٿان لٺيون هڻائي رهي آهي. اسان جي حڪومت
نوجوانن کي روزگار ڏنو ۽ نام نهاد جمهوري حڪومت انهن کان
روزگار کسي رهي آهي. غوث بخش مهر، ماروي ميمڻ، مظهر راهوجي،
گلزار سومري ۽ ٻين چيو ته صدر زرداري چئي ٿو ته ملازم اسان
جا نوڪر نه پر ڀائيوار آهن ۽ ڀائيوارن تي پوليس کان تشدد
ڪرايو پيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جي ملازمن تي لٺيون وسائي
ٻه اکيائي کان ڪم وٺي رهي آهي. ٻئي طرف جمع ۽ ڇنڇر جي رات
جو دير سان جسقم اڳواڻ بشير قريشي پڻ عوامي پريس ڪلب پهچي
ملازمن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ٻن ڏينهن
کان جاري ڌرڻي ۾ شامل ملازمن وٽ ڪو به حڪومتي وزير يا
چونڊيل نمائندو نه پهتو هو، جنهن ڪري ملازمن ۾ بيچيني جي
لهر ڇانيل هئي. |