جهلم: برطانوي ٻار بازياب نه ٿيو، وزيراعظم جو وارثن سان رابطو

لاهور (بيورو رپورٽ): پنجاب جي شهر جهلم مان ڦر ڪرڻ کانپوءِ اغوا ٿيل برطانوي ڄائو پاڪستاني ٻار ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي،  پوليس شڪ جي بنياد تي وڌيڪ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪالهه وزيراعظم يوسف رضا گيلاني مغوي ٻار جي والدين سان فون تي رابطو ڪري کين ٻار جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي.