متحده جو ناظمن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ لاءِ دٻاءُ، پ پ کي اختلاف، اجلاس بنا نتيجي ختم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) : پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي مڪاني ادارن بابت نئين قانون جوڙائڻ لاءِ ٿيل ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي. اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو. متحده مشرف دور ۾ متعارف ڪرايل 2001ع واري مڪاني ادارن جي آرڊيننس ۾ اڃا واڌارو ڪري ناظمن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو موقف اختيار ڪيو. پ پ طرفان 79ع ۽ 2001ع وارن آرڊيننس مان عوامي مفادن واريون شقون کڻي نئون قانون ٺاهڻ تي زور ڏنو ويو. جنهن کانپوءِ ڳالهيون نبري نه سگهيون. جنهن کانپوءِ اجلاس ملتوي ٿي ويو. ٻئي طرف متحده جي صوبائي وزير سردار احمد چيو آهي ته شهيد عبدالله مراد جي ورسي تقريب سبب پ پ اڳواڻ گهڻو وقت نه ويٺا،  ڳالهيون جاري رکڻ ۽ وري اجلاس  پڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. اجلاس ۾ متحده جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، سردار احمد، ڪنور نويد جميل ۽ واسع جليل شرڪت ڪئي. جڏهن ته پ پ جي اياز سومري، سيد مراد علي شاهه، رفيق انجنيئر، راشد رباني شرڪت ڪئي.