|
آبادگارن پاڻي بچائڻ واري ٽيڪنالاجي تي 36 سيڪڙو سبسڊي رد
ڪري ڇڏي |
 |
|
لاڙڪاڻو(رپورٽ: نويدلاڙڪ) سنڌ جي آبادگارن پاڻي بچائڻ واري
نئين ٽيڪنالاجي تي اعلانيل في ايڪڙ 36 سيڪڙو سبسڊي کي رد
ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته في ايڪڙ تي 80 سيڪڙو سبسڊي ڏني وڃي.
آبادگارن 3 ورهين کان بند پيل
سعدوديرو مائينر کي هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود پاڻي نه ڏيڻ
جي به مذمت ڪئي. ڪالهه لاڙڪاڻي ۾ ايوان زراعت طرفان پاڻي
بچت جي جديد ٽيڪنالاجي بابت هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾
خانگي ڪمپنيءَ جي ڊي ڊي ايڇ ڊاڪٽر بن يامين خالد ٻڌايو ته
زمين کي ڦوهاري ذريعي گهرج موجب پاڻي ڏيڻ بابت جديد
ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن جو في ايڪڙ خرچ 62
هزار روپيا آهي ۽ ان ۾ حڪومت طرفان في ايڪڙ 36 هزار روپيا
سبسڊي ڏني پئي وڃي. هوڏانهن ايوان زراعت لاڙڪاڻي ضلعي جي
صدر سراج راشدي چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ واري صورتحال ۾ پاڻي
بچائڻ واري ٽيڪنالاجي جيتوڻيڪ انتهائي ڪارائتي آهي پر ان
جو خرچ سنڌ جو غريب آبادگار ۽ هاري برداشت نه ڪري سگهندو.
جيڪڏهن حڪومت في ايڪڙ تي 80 سيڪڙو سبسڊي ڏئي ته آبادگار 20
سيڪڙو خرچ برداشت ڪري سگهندو ٻي صورت ۾ هي ٽيڪنالاجي
ڪامياب نه ٿي سگهندي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي چيو ته سنڌ
جو غريب هاري پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو
پيو وڃي، ان جي واهر ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي، پاڻيءَ جي
کوٽ سبب آباد زمينون به غير آباد ٿينديون پيون وڃن. هن چيو
ته سنڌوءَ ۾ پاڻي نه آهي جڏهن ته سنڌو ئي اسانجو جياپو آهي،
جيئن لبيا ۾ پاڻي بچائڻ واري جديد ٽيڪنالاجي تحت ريگستان
آباد ڪرايا ويا تيئن اسان به پنهنجون زمينون بچائي ۽ غير
آباد زمينون آباد ڪرائي سگهون ٿا. ايوان زراعت سنڌ جي صدر
ڊاڪٽر نديم قمر چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آبادگارن ۽
هارين کي تباهيءَ جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، ان خلاف
اسانجي جنگ جاري رهندي. هن چيو ته جيڪو ٿورو پاڻي موجود
آهي ان جو مناسب استعمال ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي ضرورت
آهي پر ان لاءِ حڪومت کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ گهرجن. سيمينار
۾ سراج راشدي ٻڌايو ته نئين ديري واري علائقي ۾ دادو ڪئنال
مان نڪرندڙ سعدوديرو مائينر گذريل 3 ورهين کان بند پيل آهي
۽ آبپاشي عملو ان ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن سبب
شهيد بينظير ڀٽو جو زيتونن جو باغ به ٽيوب ويل ذريعي آباد
ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته علائقي جا ٻيا آبادگار ۽ هاري فصل
پوکڻ کان محروم بڻجي ويو آهي. هن چيو ته 17 فيبروري 2009ع
تي سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو هڪ پٽيشن داخل ڪرائڻ تي آبپاشي
عملي کي حڪم ڪيو هو ته سعدوديرو مائينر جي فوري طور تي
کاٽي ڪرائي ان ۾ پاڻي ڇڏي آبادگارن جون پريشانيون ختم ڪيون
وڃن پر اعليٰ عدالت جي ان حڪم تي به آبپاشي عملي عمل نه
ڪيو آهي جنهنڪري هاڻي ان معاملي بابت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست
داخل ڪرائي ويندي. ان موقعي تي عبدالرزاق سومري، عبدالمجيد
شيخ، الطاف مهيسر، صفدر علي مٺاڻي ۽ ٻين آبادگار ۽ هاري
اڳواڻن خطاب ڪيو. |
|
|
|
|
|
|