گذريل حڪومت جا ڪارا قانون رد ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪارنامو آهي:

 چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته موجوده پارليامينٽ گذريل حڪومت جي ڪارن قانونن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران ختم ڪيو. غريب ماڻهن کي انصاف جي فراهمي تائين هدف حاصل نه ٿي سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جوڊيشل پاليسي جا گهربل نتيجا نه ملي سگهيا آهن، پر تنهن جي باوجود گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن. بحالي کانپوءِ هڪ سال اندر عدليه جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي پر اصل ڪاميابي تڏهن ملندي جڏهن غريبن کي انصاف ملندو. هڪ چيو ته اين آر او ڪارو قانون هو، جنهن کي ختم ڪيو ويو. هن چيو ته عوامي تعاون وارن ڪيسن ۾ فوري طور ڪارروائي بدران ان جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. گڏجاڻي ۾ چئن هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز ۽ وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس به شرڪت ڪئي.