|
لاڙڪاڻي لڳ جتوئي-تنيا تڪرار تان 2 ڄڻا اغوا، مقابلي بعد
بازياب، هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، 2 گرفتار |
 |
|
لاڙڪاڻو(رپورٽ: نويدلاڙڪ) لاڙڪاڻي لڳ هٽڙي غلام شاهه ٿاڻي
جي حد ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي ۽ تنيا برادريءَ جي ٻن ڌرين
وچ ۾ زمين جي مالڪيءَ تان هلندڙ تڪرار سبب هڪ ڌر جا 2 ڄڻا
اغوا، پوليس مقابلو ڪري ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائي 3
هٿياربندن کي ڌاڙيل ڄاڻائي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
ڪئي آهي. پراڻي آباد ويجهو تنين جي ڳوٺ ٻاهران ٻنيءَ تي
مال چاريندڙ فهيم ۽ عاقب تنيي کي ڪالهه شام جو هٿياربند
اغوا ڪري کڻي ويا، وارثن جي اطلاع تي پوري ضلعي جي پوليس
نفري ڪچي ۾ طلب ڪئي وئي. پوليس اٽالن پوري علائقي جو
گهيراءُ ڪري هٿياربندن جو پيڇو ڪيو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين
پوليس اهلڪارن ۽ هٿياربندن وچ ۾ دوبدو فائرنگ هلندي رهي
جنهن جي نتيجي ۾ 3 هٿياربند زخمي ٿي پيا ۽ پوليس ٽنهي ڄڻن
کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ٻنهي مغوين فهيم ۽ عاقب کي به
بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي پي او
عرفان بلوچ ٻڌايو ته هٿياربند ڌاڙيلن جيڪي شهڪاڻي جتوئي
آهن تنيا برادري جي ٻن ڄڻن فهيم ۽ عاقب کي اغوا ڪري کڻي
ويا، اطلاع تي پوليس مقابلو ڪري ٻنهي مغوين کي بازياب
ڪرائي ٽن ڌاڙيلن پرويز شهڪاڻي، غلام حسين شهڪاڻي ۽ پرويز
شهڪاڻي جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جن وٽان هٿيار
به هٿ ڪيا ويا آهن. ڊي پي او ٻڌايو ته ڄاڻايل هٿياربندن جو
ٽولو تقريبن 4 مهينا اڳ به تنيا برادري جي هڪ ڄڻي کي قتل
ڪري سندن 19 ڍور ڪاهي ويا هئا. ڄاڻايل ٽولي سان علائقي جي
بدنام ڌاڙيل مستو ناريجي جو ٽولو به شامل آهي. هوڏانهن رات
دير سان ٽنهي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيلن کي چانڊڪا اسپتال
پهچايو ويو جتي اسپتال ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر
ڪئي وئي آهي. جڏهن ته غلام حسين شهڪاڻي اسپتال ۾ زخمن جا
سور نه سهندي دم ڏنو. ان موقعي تي پرويز دانهيندي چيو ته
هو بيگناهه آهن. پوليس بنا جواز گرفتار ڪيو آهي ۽ ڪوڙو
مقابلو ڄاڻائي هڪ ڄڻي کي ماريو آهي. هن چيو ته واقعي جي
جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته گذريل
ڪجهه عرصي کان تنين ۽ جتوئين وچ ۾ ٻنيءَ جي مالڪيءَ تان
تڪرار هلندڙ آهي ۽ ڄاڻايل واقعو به تڪرار جو نتيجو ٻڌايو
پيو وڃي. |
|
|
|
|
|
|