متاثر عورتن جي واهر لاءِ قائم وومين ڪمپلينٽ سينٽرن جا 28 ملازم گهر ڀيڙا

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نويدلاڙڪ) متاثر عورتن جي واهر لاءِ عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي ماتحت لاڙڪاڻي سميت چئن وڏن شهرن ۾ هلندڙ وومين ڪمپلينٽ سينٽرن جي 28 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، انهن سينٽرن کي والينٽيئر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو. عورتن جي ڀلائي واري کاتي طرفان متاثر ۽ بي سهارا عورتن جي واهر لاءِ ٻه ورهيه اڳ لاڙڪاڻي ۾ وومين ڪمپلينٽ سينٽر کوليو ويو. ساڳئي ريت بعد ۾ اهڙا ڪمپلينٽ سينٽر نوابشاهه، حيدرآباد ۽ سکر ۾ به کوليا ويا. جيڪي گذريل 6 مهينن کان بجيٽ نه ملڻ ڪري وڏي بحران جو شڪار بڻجي ويا هئا. ايتري قدر جو انهن سينٽرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي ماهوار پگهارون به نه ڏنيون ويون. تازو حڪومت انهن سينٽرن توڙي ملازمن جو بحران ختم ڪرڻ بدران مورڳو ڄاڻايل چئني سينٽرن ۾ ڪم ڪندڙ 28 ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪري گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. ملازمن جي برطرفي وارا ليٽر عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي ڊائريڪٽر جي صحيحن سان ڪالهه ملازمن تائين پهچايا ويا آهن جنهن ڪري ملازمن ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي آهي. برطرف ٿيندڙ ملازمن ۾ نفسيات جا ماهر ڊاڪٽر، انچارج، ڪلارڪ، سوشل ورڪر ۽ پٽيوالا توڙي ڪمپيوٽر آپريٽر شامل آهن. انهن جو چوڻ آهي ته اسان کي 6 مهينن کان وٺي ماهوار پگهارون به نه ڏنيون ويون ۽ مستقل ڪرڻ بدران مورڳو نوڪرين مان ئي برطرف ڪري بيروزگار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري عمل جي تصديق ڪئي. هن ٻڌايو ته اسان جا اهي سينٽر هڪ پراجيڪٽ تحت هلي رهيا هئا ۽ ان پراجيڪٽ کي هر 6 مهينن بعد سنڌ جي وڏي وزير کان منظوري وٺي وڌائي رهيا هئاسين پر هاڻ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پراجيڪٽ کي وڌائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. پراجيڪٽ کي ايڪسٽينشن ڏيارڻ لاءِ سمري گذريل ڪيترن ئي مهينن کان وڏي وزير وٽ پيل هئي جيڪا هن منظور نه ڪئي. ان ڪري ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته وڏي وزير کيس خاطري ڪرائي آهي ته ان پراجيڪٽ کي ڪجهه عرصي بعد ٻيهر شروع ڪري نئين ڀرتي ڪئي ويندي. تيسيتائين وومين ڪمپلينٽ سينٽر اسان جا والينٽيئر ماڻهو هلائيندا ۽ انهن کي بند نه ڪيو ويندو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ”في الحال مان اهو نه ٿي ٻڌائي سگهان ته سينٽر هلائڻ لاءِ ٻيهر پراجيڪٽ ڪڏهن شروع ٿيندو ۽ ڪڏهن وري نوان ملازم ڀرتي ڪيا ويندا“.