|
ٽنڊي آدم ۾ ڳوٺاڻو ٻارڙين سميت پناهه لاءِ پوليس آفيسر وٽ
پهتو، احتجاج: ڊي آءِ جي نوٽيس ورتو |
 |
|
ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ بيدل ماڪوڙاڻي ۾ پاڏين
جي چوري جي ڏنڊ ۾ سڱ چٽي ڏنل 4 سالن جي معصوم نينگري
بختاور ماڪوڙاڻي جا وارث ڏاڏو، الهبچايو پيءُ محمد شريف
ماءُ شبانا ۽ 8 سالن جي زينب مخالفن ۽ پوليس جي ڊپ کان
پناهه لاءِ ايس پي او آفيس پهچي ويا، جي هنن احتجاجي
مظاهرو ڪيو. هنن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر
ماڻهن ۽ چڱن مڙسن مٺو ۽ آچر ماڪوڙاڻي اڌ تي ڏنل ٻن پاڏين
جتي چوري ٿيڻ بعد ڏنڊ ۾ سال اڳ اسان جي 4 سالن جي نياڻي
بختاور جو سڱ 8 سالن جي شاهو پٽ رسول بخش کي ڏيئي نڪاح
ڪرائي ڇڏيو ۽ هاڻي مهينو اڳ ساڳين ماڻهن اسان جي 8 سالن جي
نياڻي زينب جو نڪاح 50 سالن جي پيرسن انور ماڪوڙاڻي سان
ڪرايو آهي. هنن ٻڌايو ته اسان سان ظلم اهو آهي ته زيادتي
به اسان سان ٿي آهي پر پوليس اسان جي چئن ماڻهن تي ڪيس
داخل ڪري نينگرين جي ٻن چاچن شفيع محمد ۽ خان محمد کي
گرفتار ڪري کيس آزاد ڪرڻ لاءِ 40 هزار رپين جي گهر ڪئي پئي
وڃي. هنن چيو ته پوليس اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي،
جنهن ڪري اسان ڳوٺ ڇڏي پناهه لاءِ ايس پي او آفيس پهتا
آهيون. اسان سان انصاف ٿئي ۽ تحفظ ڏنو وڃي. ٻئي طرف ايس پي
او ٽنڊو آدم يار محمد رند جي حڪم تي 4 سالن جي نينگري
بختاور سان نڪاح ڪندڙ گهوٽ شاهو سندس پيءُ رسول بخش نڪاح
پڙهائيندڙ مولوي مٺو، ڳوٺ جي وڏيرن آچر ۽ مٺو، سميت انور،
گولو، لالو سميت 3 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾
رابطو ڪرڻ تي ايس پي او يار محمد رند ٻڌايو ته ڪيس داخل
ڪيو ويو آهي. جلد گرفتاريون ٿينديون، جيڪي به حقيقتون
هونديون، سامهون اينديون ۽ متاثرين کي انصاف ضرر ملندو.
ٻئي طرف ڊي آءِ جي ميرپور خاص اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي
رپورٽ طلب ڪئي آهي. |
|
|
|
|
|
|