ڀارت، پاڪستان کي پاڻي ڏيڻ جو پابند آهي، نتيجا خيز ڳالهين لاءِ هر وقت تيار آهيون:قريشي

ملتان (م ڊ): پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت، پاڪستان کي پاڻي ڏيڻ جو پابند آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي حصي جو پاڻي ڏيڻ ڪا رڪاوٽ پيدا ڪئي وئي ته بين الاقوامي مداخلت وارو آپشن موجود آهي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي حڪومت کي ڳالهين لاءِ داخلي طور ڏکيائون درپيش آهن، پر نتيجا خيز ڳالهين لاءِ پاڪستان هر وقت تيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته صرف بيان ڏيڻ سان ڊاڪٽر عافيا آزادي نه ٿي سگهندي، حڪومت سندس آزادي لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪري پئي. هن چيو ته فرينڊز آف پاڪستان جو ايندڙ اجلاس برسلز ۾ ٿيندو.