راڻي پور پوليس جي وحشت، نوجوان کي اگهاڙو ڪري شهر ۾ گشت ڪرايو ويو

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور ۾ موٽر سائيڪلن ڪرائي تي کڻي چورن کي وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ عاشق سهتو کي جوڻيجا برادري جي ماڻهن پڪڙي سخت تشدد ڪرڻ بعد ڪپڙن کان آجو ڪري شهر جو گشت ڪرائي ٿاڻي تي پهچي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. شهر ۾ ڦورو جو ٻڌي سوين شهري ٿاڻي تي گڏ ٿي ويا، جڏهن ته پوليس جوابدار ڄاڻايل همراهه کي لاڪاپ ڪري ٿاڻي تي آيل شهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل شخص موٽر سائيڪلون ڪرائي تي وٺي چورن کي وڪرو ڪندو آهي. انڪوائري ڪئي ويندي، جڏهن ته تذليل ڪندڙن ۾ سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار پڻ شامل هئا.