واٽر ڪورس ملازمن جو مدو وڌايو وڃي: سياسي اڳواڻ

ڪراچي(نمائندن وٽان) زراعت واري صوبائي وزير سيد علي نواز شاهه چيو آهي ته واٽر ڪورس ملازمن جو ڪانٽريڪٽ سال 2008 ۾ پورو ٿي چڪو هو پر اسان  حڪومت ۾ اچڻ شرط سندن ڪانٽريڪٽ ٻن سالن جي لاءِ وڌرايو، اسان ڪنهن کي به بيروزگار ڪرڻ نٿا چاهيون، هاڻي به اسان جي ڀرپور ڪوشس آهي ته سندن ڪانٽريڪٽ جاري رهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ اڃا سمورا واٽر ڪورس پڪا نه ٿيا آهن، انڪري ڄاڻايل پروجيڪٽ کي وڌايو وڃي. هن اهڙو اظهار سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ وارو منصوبو ورلڊ بينڪ جو آهي ۽ ملازمن کي فنڊنگ وفاقي حڪومت ڪري ٿي،اسان ان کي سفارش ڪري چڪا آهيون، باقي ڪنهن سان ڪوڙو واعدو نٿا ڪري سگهون، ان موقعي تي اطلاعات کاتي واري صوبائي صلاحڪار جميل سومرو چيو ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر ڪجهه سياسي پارٽيون ماڻهن کي گمراهه ڪري پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهن ٿيون. هن چيو ته جيڪا ايم اين اي ملازمن سان گڏ احتجاج ڪري رهي آهي ان کي گهرجي ته اها انهن لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاري، ان موقعي تي وڏي وزير جو صلاحڪار راشد رباني، وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي پڻ موجود هئا. ٽينيڪل ايجوڪيشن واري صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم چيو آهي ته واٽر ڪورس مينيجمينٽ جي ملازمن کي ضرور پڪو ڪيو ويندو، انهن کي مستقل ڪرڻ لاءِ ڌرڻي ۾ شامل ٿيندڙ ڌريون پ پ سان ذاتي دشمني نڀائي رهيون آهن. اهڙو اظهار هن واٽر ڪورس مينيجمينٽ جي ملازمن پاران ڪيل احتجاج جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڄاڻايل مظاهري ۾ هڪ سياسي شخصيت پاران پيپلز پارٽي جي روٽي ڪپڙا اور مڪان واري نعري تي تنقيد ڪندڙ اقتدار وارن ڏهاڙن ۾ عوام جو ڪهڙو حشر ڪيو هو، اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ اين پي آءِ ڊبليو ملازمن جي پرامن احتجاج تي پوليس طرفان شيلنگ لٺبازي ۽ وحشياڻي سلوڪ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته اها حڪومت وقت جي ذميواري آهي ته اها عوام جي جان و مالجوتحفظ ڪري نه ڪي انهن مٿان لٺيون ۽ شيلنگ پئي ٿئي ۽ هن چيو ته حڪومت کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جو عوام هاڻي باشعور ٿي چڪو آهي، جيڪو حڪومت جي ٺلهن آسرن يا ڏٽن ۾ نه ايندو ۽ پنهنجن جائز حقن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندو. سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو ڪراچي پريس ڪلب آڏو ملازمن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري لکين پڙهيل لکيل نوجوان خودڪشين ڪرڻ تي مجبور آهن، جتي مائرون پنهنجي جگرن کي براءِ فورخت جو بورڊ هڻي رستن تي وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور آهن. اهڙين ڏکين حالتن ۾ 18 سئو روزگر يافته نوجوانن کي بيروزگار ڪرڻ نه صرف 18 سئو گهرن جا ڏيئا اجهائڻ جي برابر ٿيندو بلڪه هزارين نوجوان وڌيڪ خودڪشين ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجي منشور جي ابتڙ واري روش بيروزگار ٿيڻ جي خوف کان احتجاج ڪندڙن تي تشدد انتهائي مذمت جوڳو آهي. سنڌ نيشنل پارٽي ملازمن جو ساٿ ڏيندي.