|
پنجاب پاڻي چوري ڪري پيو، صدر، وزيراعظم خاموش آهن: پاڻي
ڪانفرنس |
 |
|

بدين (رپورٽ : انيس ميمڻ) : بدين ۾ عوامي تحريڪ طرفان
ڪوٺايل پاڻي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي
صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته وفاق جون علمبردار پارٽيون
مسلم ليگ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ تي پاڻي ۽ ٻين وسيلن جي
ڦرلٽ ۽ چوري ۾ برابر جون شريڪ آهن. پ پ قيادت اينٽي گريٽر
ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر هجڻ وقت اهو وچن ڪيو هو ته
سنڌو درياهه جي ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو پر
هن وقت ٿل ڪئنال تي ڪم هلي رهيو آهي. محمد خان ڀرڳڙي چيو
ته بدين جا واهه ۽ ڪئنال 5 مهينن کان بند آهن. آبادگارن ۽
هارين جي فصل سڪي رهيا آهن ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي. سنڌ
آبادگار تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ لغاري چيو ته بدين
جي عوام فائدو وٺڻ بدران ڊڪٽيٽرن جا گڏهن تي استقبال ڪيا،
ڪوڙا کاڌا قيد ڪاٽيا کين اڄ به سياسي انتقام جو نشانو
بڻايو پيو وڃي. ان موقعي تي ڪانفرنس کي علي احمد جوکيو،
روزرينا ڀٽي، رمضان چاوڙي، اياز کوسي، سرتاج چانڊيي، مصطفيٰ
هنڱورجي، هميرو مل ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. |
|
|
|
|
|
|