|
اين پي آءِ ڊبليو ملازمن جو ڌرڻو، اهم اڳواڻن جي شرڪت،
تشدد جي مذمت |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) : ايمپلائيز ايسوسيئيشن آف نيشنل
پروگرام فار امپرومينٽ آف واٽر ڪورسز طرفان ڪالهه ٻئي
ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پنهنجن مطالبن جي حق ۾
ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين وقار
شاهه اعلان ڪيو ته اين پي آءِ ڊبليو جي 18سئو ملازمن جي
پڪي ٿيڻ وارري مطالبي جي پورائي لاءِ هو هر زور ڌرڻو هندا.
هن چيو ته مستقلي واري سمري سنڌ جي وڏي وزير جي ميز تي
گذريل هڪ سال کان موجود آهي پر اهميت نه ٿي ڏني وڃي. ٻئي
طرف مسلم ليگ ق جي اڳواڻ سيد مشاهد حسين، سيد غوث علي شاهه،
غوث بخش مهر،مارئي ميمڻ، جميعت علماءِ اسلام ڪراچي جي امير
قاري عثمان، عوامي تحريڪ جي ايڊووڪيٽ مظهر راهوجي، سنڌ
ترقي پسند پارٽي جي گلزار سومري ۽ ٻين ڌرڻي ۾ شامل ٿي
احتجاجي ملازمن سان يڪجهتي ڪئي. ان موقعي تي سيد مشاهد
حسين چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي،
ملازمن کي پڪي ڪرڻ بدران پوليس هٿان لٺيون وسائي رهي آهي.
غوث بخش مهر، مارئي ميمڻ، مظهر راهوجي، گلزار سومري ۽ ٻين
خطاب ڪندي چيو ته صدر زرداري چئي ٿو ته ملازم اسان جا نوڪر
نه پر ڀائيوار آهن. ڇنڇر رات دير سان جسقم اڳواڻ بشير
قريشي پڻ ڪراچي پريس ڪلب پهچي ملازمن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.
|
|
|
|
|
|
|